ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم سان الڪيشني اتحاد لاءِ تيار، ان ڏس ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي سنڌ جي صدر محمود مولوي ۽ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪابينا مڪمل ٿيڻ بعد اتحاد به ٿي سگھي ٿو، مُلڪ ۽ ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل پريس ڪانفرنس دوران عمران اسماعيل چيو ته آئون ڏيڍ سال کانپوءِ ميڊيا تي آيو آهيان، هم خيال دوستن پاران استحڪام پارٽي جو بنياد وڌو ويو، هن چيو ته 9 مئي ڪارو ڏينهن هو، عمران خان سدائين چوندو هو ته پاڪ فوج مضبوط هوندي ته مُلڪ مضبوط هوندو پر اهڙو موقعو اچي ويو جيڪو اسان خواب ۾ به نه ڏٺو هو، هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي واقعي سان جن جو تعلق هو، اهي سزائون ڀوڳي رهيا آهن،هن چيو ته ڪي ايم سي جي 32 ميمبرن ( ڪائونسلرن) استحڪام پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪيو  آهي،  هاڻي ڪراچي جي ترقي لاءِ بهتر ڪم ٿيندو، هڪ هفتي اندر پارٽي جي ڪابينا مڪمل ڪري وٺنداسين، هن چيو ته 9 مئي تي ڇا ٿيو؟ ان جو سبب ڇا هو؟ اهو آئون بعد ۾ ٻڌائيندس. جن نوجوانن ڏينهن رات ڪم ڪيو، جدوجهد ۾ حصو ڳنڍيو، انهن کي بي يارومددگار ڇڏيو ويو.