جھڙي طرح سان اسان جي معاشري ۾ ھي ھجت مشھور آھي تہ جڏھن ڪو فرد ڪجھ ناھي بڻجي يا ڪري سگھندو تہ استاد بڻجي ويندو آھي. ھت ھڪ ٻي ھجت بہ مشھور آھي تہ استادي پيشي سان اھڙا ماڻھو سلھاڙبا آھن جيڪي ناڪام تصور ڪيا ويندا آھن. وري ائين بہ چيو ويندو آھي تہ بيڪار ماڻھو ئي استاد ٿيندا آھن. ۽ اسان ائين بہ ٻڌندا رھندا آھيون تہ جنھن ماڻھو کان ڪجھ ناھي پڄندو تہ اھو استاد بڻجي پوندو آھي. ھن قسم جون ھجتون استادن جون توھين آھن يا اعزاز پر اسان جي نالي ماتر سڌريل ۽ ترقي يافتا معاشري ۾ عام جام پاتيون وڃن ٿيون. ھنن ھجتن ۾ ڪيتري سچائي ۽، ڪيتري ٺٺول آھي انھن جو اندازو تہ اسان جي عام روين مان بہ لڳائي سگھجي ٿو پر ھجتن تي گھڻو سوچڻ کان بھتر ھي آھي تہ اسان کي پنھنجين سمجھڻ وارين صلاحيتن کي وسيع ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو اھي اسان استاد ئي آھيون جيڪي ھڪ معزز پيشي کي پنھنجي قولن، فعلن ۽ عملن جي تضاد سان اھڙو تہ خوار خراب ڪيو آھي جو ھي پيشو ھڪ مذاق بڻجي رھجي ويو آھي ۽ شايد اھوئي سبب آھي جو اسان جي معاشري ۾ استادي پيشي سان اھڙي قسم جون ھجتون بي ڌڙڪ ۽ بي روڪ ٽوڪ ڪيون وڃن ٿيون. استادي پيشي سان ھن قسم جون ھجتون ھاڪاري آھن يا اسان جي اڪثريت عقل يعني سمجھ کان عاري آھي جو گھر ۾ جيڪڏھن ڪو استادي پيشي سان تعلق رکندڙ ھوندو آھي تہ اسان جي تنقيدن جا تير انھيءَ فرد ڏانھن ئي سڌا ھوندا آھن. جڏھن سمجھڻ جي بدلي يعني شين، حالتن، مامرن ۽ لقائن جو جائزو وٺڻ نہ اچي تہ پوئتي صرف سوچ ئي رھجي وڃي ٿي پر اسان پنھنجين سوچن کي بہ تہ ھاڪاري ناھيون بڻائي سگھيا.
استادي پيشي کي گھٽ ۽ بيڪار تصور ڪرڻ جو تعلق اسان جي روايتي سوچن ۽ روين سان آھي جڏھن تہ، استادي پيشي کي پيغمبري پيشو سمجھي پنھنجن فرضن ۽ ڪمن جي بجا آواري ڪرڻ جو تعلق اسان جي سمجھ سان آھي. ياد رکڻ گھرجي تہ ڪنھن بہ فيصلي کي بنيادي ڄاڻ فراھم ڪندڙ جزا اسان جي سوچ مان ايندا آھن جڏھن تہ، فيصلي تي عمل ڪرڻ ۽، ان مان بھتر نتيجا حاصل ڪرڻ وارو ڪم وري اسان جي سمجھ جو ڪمال ھوندو آھي. استادي پيشي کي سوچڻ ۽ سمجھڻ واري اکين سان ڏسجي ٿو تہ ھي ٻئي اکيون ھڪ ھنڌ موجود ھوندي بہ ھڪٻئي کان تمام گھڻو وٿيريڪيون نظر اچن ٿيون جن جو پس منظر سماجي تہ پيش منظر معاشي ۽ سبب نفسياتي ھوندا آھن. مزي جي ڳالھ تہ ھن قسم جي ھجتن کي عام تہ اسان جي عمومي روين پاران ڪيو ويندو آھي پر، جواز وري بہ انھن فردن پاران فراھم ڪيو ويندو آھي جيڪي ساڳي کيتر سان تعلق رکندڙ ھوندا آھن. ۽ جيڪا ڪسر باقي رھجي ويندي آھي اھا اسان جو سماجي تاڃي پيٽو پوري ڪري ڇڏيندو آھي. ھر ادارو ۽ ھر شعبو سرڪار جي ئي مدد سان بي اثر ٿي؛ سرڪار جي اثرن مان نڪري ويندو آھي. ساڳيو شعبو جڏھن خانگي دانائي ۽ چالاڪي جي حوالي ٿي ويندو آھي تہ اھو ايتري تہ سگھ حاصل ڪري ويندو آھي جو عام خلق تہ ھن جي سحر جو شڪار ٿي ئي ويندي آھي پر وقت جي سرڪار پڻ ھن جي چوڻ جي مطابق پاليسيون مرتب ڪرڻ کان وٺي قانون سازي پڻ ڪندي رھندي آھي. خانگي شعبي اسان جي ملڪ ۾ ايڏي تہ ترقي ڪئي آھي ۽ پنھنجا پير پختا ڪيا آھن جو ھن وقت سرڪار جي گھٽ پر، خانگي شعبي جي سيڙپ ڪمال ڏيکاري رھي آھي ۽ اثر رسوخ بہ خانگي شعبي جو ئي ھلي چلي ٿو.
خانگي شعبي جي دنيا سان تعلق رکندڙ تعليمي ادارن جو ذڪر خير ڪنداسين تہ اسان کي ياد ٿو اچي تہ سال 2023ع جي آگسٽ جي مھيني ۾، سنڌ جي تعليم کاتي پاران پھريون ڀيرو خانگي تعليمي ادارن جي ڳڻپ (سينسس) ڪرائي وئي ھئي. ڳڻپ ڪرائڻ جو مقصد ھي ھو. ھڪ: خانگي ادارن جو ڪل تعداد معلوم ڪرڻ، ٻہ: خانگي تعليمي ادارن ۾ بنيادي ڍانچي ۽ سھولتن جي جانچ پڙتال ڪرڻ، ٽي: پڙھائيندڙ عملي جي ساک، علمي لياقتن ۽ پگھارن جي باري ۾ ڄاڻڻ. ڳڻپ جي موجب صوبي سنڌ ۾ خانگي تعليمي ادارن جو ڪل تعداد 12,809 آھي، جن مان 11,736 تعليمي ادارا فعال آھن ۽ باقي غير فعال آھن. فعال توڻي غير فعال واري ھن ڊيٽا ۾ اسڪول ۽ ڪاليج ٻئي شامل آھن. حاصل ڪيل ڊيٽا جي مطابق 11,387 مخلوطي جڏھن تہ، 175 ڇوڪرياڻيا ۽ 174 ڇوڪراڻا اسڪول آھن. سھولتن جي حساب سان 11,231 نج اسڪول آھن. 474 اسڪول ۽ مدرساڻي ۽، 31 نج مدرساڻي ادارا آھن. 10,776 (92 سيڪڙو) انگريزي، 469 (4 سيڪڙو) اردو ۽ 491 (4 سيڪڙو) سنڌي زبانِ تعليم وارا آھن. عملي جو انگ 2,98,838 آھي جنھن ۾ تدريسي عملي جو انگ 2,25,158 جڏھن تہ غير تدريسي عملي جو انگ 73,780 آھي. اھڙي طرح سان پڙھندڙ ٻارن جو تعداد لڳ ڀڳ 4 ملين آھي جن ۾ لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو ڇوڪرا جڏھن تہ 46 سيڪڙي جي قريب ڇوڪرين جو انگ آھي. ھاڻي جنھن ڳالھ کي توھان جي آڏو رکڻ جي ھجت ڪيان ٿو اھا ھي آھي تہ، ادارو سرڪاري ھجي يا غير سرڪاري سڀ اسان جي لاءِ آھن. پنھنجي ناڪاري سوچ کي پٺتي رکي ادارن جا ھٿ مضبوط ڪيون ۽، ڪٿي ڪا اڻائي يا ڪچائي پڪائي رھجي وڃي ٿي تہ انھن کي جديد لاڙن جي بنياد تي ٺيڪ ڪندو اڳتي وڌندو ھلجي. ائين نہ ڪجي تہ ھڪ ذاتي اناد جي بنياد تي ڪنھن اداري جي خلاف سوشل ميڊيا تي بي بنياد ۽ ناڪاري مھم جو سبب بڻجي؛ پنھنجي لاءِ بہ مسئلا پيدا ڪجن، ٻين کي بہ پريشان ڪندو رھجي ۽ استادي پيشي جيس اھميت ۽ افاديت کي پيشوارڻي نقصان پھچائجي ۽ مٿي بيان ٿيندڙ ھجتن جي آڙ وٺي پاڻ تي ئي جڳ کلائجي ۽ ادارن تي عوام جي اعتماد کي ڇيھو رسائجي.