ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي نئين ڀرتين وارو معاملو، لاڙڪاڻي،  شهيد بينظير آباد، نوشهري فيروز ۽ ڪراچي جي مختلف ضلعن جي 25 اميدوارن جا ڊبل ڊوميسائل هجڻ جو انڪشاف، ڪراچي اولهه، ڪياماڙي ۽ ملير ۾ وڌيڪ 4  ڊوميسائل جعلي قرار،ڪراچي جي رڳو ٽن ضلعن مان مليل جعلي ڊوميسائلن جو انگ 24 ٿي ويو، جعلي ۽ ڊبل ڊوميسائيل رکندڙ 49 اميدوار ڀرتين واري عمل کان ٻاهر،  تعليم کاتي ڊبل ڊوميسائل وارو معاملو وڏي  وزير وٽ کڻي وڃڻ  جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري معاملي ۾ مختلف ضلعن جي اميدوارن جا ڊوميسائل جعلي ۽ ڊبل هئڻ جا ڌارر ڌار معاملا سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ گھرو کاتي معرفت صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن کان شروع ڪرايل جاچ  دوران  ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن. ڪراچي جي ڪياماڙي ۽ اولهه ضلعن ۾ وڌيڪ 3 اميدوارن انجم جاويد، علي جاويد ۽ نوشين ۽ ملير مان وسيم عباس جا ڊوميسائل جعلي ظاهر ڪيا ويا آهن. جنهن بعد ڪياماڙي ۽ ويسٽ ضلعن ۾ جعلي ڊوميسائل رکندڙ اميدوارن جو انگ 24 ٿي ويو.انهي کان اڳ محمد فهد، عابد عزيز، شاهده ناز، هما بتول، ثنا شاهين، شامويزه صفدر، محمد فهد، محمد احسان، عطيه قيصر، دعا شهوار،، ناديه اقبال، امهِ ڪلثوم، ساجد علي، سميرا بشير، عزيزه سعيد، طاهر خان، اسد اعواڻ، جليل الرحمان ۽ محمد شهزاد جا ڊوميسائل جعلي قرار ڏنا ويا هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن اميداورن جو تعلق سوابي، مانسهره، اٽڪ، ديرا غازي خان، راولپنڊي، اسلام آباد، هريپور هزاره، شيخوپورا، پشاور، نانڪانه صاحب ۽ چارسده سان آهي. ٻئي طرف مختلف ضلعن مان پهتل رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته دوڙ مان فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوار فرح ناز سميت ڪراچي،لاڙڪاڻي، نوشهري فيروز ۽ شهيد بينظيرآباد  جي هڪ هڪ فيميل سميت 25 اميدوارن جا ڊوميسائل ڊبل آهن، جن جو  ڀرتين وارو معاملو به پينڊنگ ۾ رکيو ويو آهي، هوڏانهن تعليم کاتي موجب ڀرتين وقت پنجاب ۽ ٻين صوبن جا ڊوميسائل جمع ڪرائڻ بعد اسڪروٽني دوران  سنڌ جي مختلف ضلعن جا ڊوميسائل ڏيکاريندڙ 25 اميدوارن جو معاملو وڏي وزير وٽ کڻي وڃڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.