ٿرپاڪر ضلعي جي ڏانو ڌانڌل اسڪول جي استاد ونود ميگهواڙ کي چماٽ هڻڻ بعد معافي وٺڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي شديد ردعمل ڏيندي چيو ويو ته استاد کي چماٽ هڻندڙ ڇوڪري کي سزا ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ ليمن ٿري ڀوجاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڏيرڪي معافي: استاد پيغمبر پيشو عظيم هستيءَ آهي جيڪا اسان کي ٽئين اک ڏيکاري ٿو استاد لاءِ شاگرد اولاد وانگي هوندو آهي هتي جيڪڏهن استاد کي وڏيري جو پٽ چماٽ واهي ڪڍي پوءِ وڏيرا ان کي بچائڻ لاءِ معافي وارو ڊرامو ڪرائن ٿا اهو معافي به نه گهري زوري هڪڙي هٿ سان هٿ ڏي ٿو، اهو معافي لائيڪ ئي ناهي انکي استاد تنظيم جا اڳواڻ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان معزز شخصيتون، وڪيل سلجهيل فردن کي اڳيان اچڻ گهرجي ڇو ته استاد ونود انهن وڏيرن جي ڌمڪين ۾ ڊڄي ويو آهي پريشان!/”پريشرائيز آهي، ذميوارن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏياري وڃي، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي پوءِ به ايڏي وڏي غلطي ڪري معافي جو طريقو ڏسو، اسان ميگھواڙ برادري کي بس ذات پرستي وارو ليبل لڳائي ڇڏيو اٿن، ان جو خاص مقصد اهو آهي ته سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪافي وڏيرن جا اصلي چهرا عوام اڳيان آندا آهن انڪري اهي شيون وڏيرن کي قبول ناهن، اهي اڳي جيان سسٽم کي اڳتي وڌائڻ پيا چاهن پر هاڻي او وڏيرڪو دور ويو هليو، اوهان پنهنجن غلطين کان باز اچو نه ته اسان پرامن آهيون اسان کي مزاحمت نه سيکاريو /هالانڪه هاڻي جيئن نمونو آهي تيئن مزاحمت کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل ناهي هتي حقيقت پسند گهٽ آهن ميگھواڙن خلاف وڌيڪ آهن خدارا خدارا جيڪي به سوشل ميڊيا توڙي سماج ۾ سٺين شخصيتن کي گهرجي اهڙن معاملن جو توهان پاڻ کي اڳيان اچڻ گهرجي، هي هڪ ماستر ونود ميگھواڙ جو مسئلو ناهي، هي پوري استاد پيغمبري پيشي جي توهين آهي اھا قطعي برداشت معاف نه ڪرڻ گهرجي. جنهن تي ذوالفقار چانڊيو ايڊووڪيٽ لکيو ته استاد تنظيمن کي گهرجي ته پنهنجي استاد جي مالڪي ڪري ان همراهه مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائين استاد تنظيمون پنهنجن استادن کي ٻيو ڪجھه ته نه ٿيون ڏئي سگهن پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙن وڏيرن ۽ انهن جي پٽن کان کين تحفظ ته ڏياري ٿيون سگهن، اهي رئيس ڀوتار غريبن مسڪينن لاءِ مڙس ماڻهو هوندا آهن پر خدا ٿو ڏسي ته طاقت اڳيان ڪجھه به ناهن، استاد بخاري چيو آهي ته
ڪنڌ پڪڙي ته ڏس شينهن ٻڪري اٿئي،
استاد صاحب جيڪڏهن حق تي آهي ته پوءِ بيهي رهي ته هي ٽڪي جا وڏيرا رئيس ڀوتار کيس ڪجھه به نه ٿا ڪري سگهن… زوار رمضان چنا لکيو ته اڃان هن قوم جي تعليم سان گڏ تربيت ڪرڻي پوندي، واحد بخش ترڪ لکيو ته ڇوڪرو استاد سان بدتميزي ڪري ۽ وڏيرا وري پنهنجي بدڪردار ڇوڪري کي بچائين هي سماج ڪيئن سڌرندو. جعفر خان سومرو لکيو ته اسان صرف مذمت ڪري سگھون ٿا باقي اسان جا ضمير مرده ٿي چڪا آھن ڪير ڪنھن کان نٿو پڇي، ڪشور ڪمار لکيو ته هي معافي جي لائق ناهي هن کي سزا ملڻ گهرجي، لياقت سمون لکيو ته معاف نٿو ڪري ته بدلي ڪرائي ڇڏيندا غريب جي مجبوري آهي، اشوڪ ڪمار وشال لکيو ته معافي گھرڻ ۾ به نخرو پيو ڪري زوريءَ پيو معافيءَ گھري، استاد کي عرض ڪنداسين ته ڪاروائي ڪرائي آئنده اھڙا سبق سکن ايئن بدمعاشي ۾ تڪڙ نه ڪن، گورڌن داس لکيو ته جيڪڏهن استاد جي سامھون ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي اھو پيءُ تي به هٿ کڻڻ ۾ دير نه ڪندو، اشوڪ ميگهواڙ لکيو ته وڏيرن جي خلاف لکڻ وارا پاڻ سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وڏيرن جي غلامي ۾ ڦاٿل آهيون وڏيرڪي نظام اسانجي ذهنن ۾ سيو ٿيل آهي مزاحمت سان ئي سڌارو ايندو، فدا يار محمد شر لکيو ته لعنت هجي اهڙي شاگرد تي جيڪو استاد جهڙي عظيم هستي سان ائين ڪري، منگل سنگهه راجپوت لکيو ته مسئلي جي مڪمل ڄاڻ نه آهي پر استاد سان اھڙي اڍنگي رويي جي مذمت ڪجي ٿي.آنند ولاسائي ٽاڀاڻي لکيو ته اگر ڪو اقليت وارو ڪنھن استاد کي چماٽ هڻي ھا يا ٿوري منھن ماري به ڪري ھا اھئي پ ٽ الف استاد تنظيمن ايڪشن جو مطالبو ڪن ھا ھتي ڇو خاموشي آھي معنيٰ ڪير اقليت وارو دٻيل ھجي، پرتاب راءِ راٺوڙ لکيو ته بلڪل انصاف ڪجي ھڪ استاد سان نه پر سجي پيشي کي اھا چماٽ لڳي آھي، محمد جمن تنيو لکيو ته ڳالھه ڪجھه کولي لکو شاگرد جو نالو ڇا آهي استاد تنظيم جو رول ڪهڙو آهي مسئلو ڇا آهي تفصيل لکو، عبدالخالق ميمڻ لکيو ته خبر ناهي اصل مسئلو ڇا آهي پر جيڪو ٻڌايو ويو اهو ئي حقيقت آهي ته انتهائي گهٽيا عمل آهي . هيڊ ماسٽر صاحب کي به ان خلاف ايڪشن وٺڻ گهرجي. استاد جي عزت تي ڪو ڪمپرومائيز نه ھجڻ گھرجي.. انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ پاسي سرڪار بيان ڏيندي آ ته استاد کي جج ڪرسي ڏيندو ويھڻ لاءِ ، پوليس وارو سليوٽ ھڻندس ، ٻئي پاسي وڏيري جو ٻار ٿڦ ٿو ھڻيس استاد کي ، ھاڻي ڪاڏي ويو استاد جو احترام !؟ جنهن تي عبدالقيوم مهر لکيو ته ڇا ڪجي اسان جي سنڌ ۾ قانون آھي ڪٿي بس جيڪو ڏاڍو سو گابو، دين محمد جمالي لکيو ته ڇا ڪجي پ پ جي حڪومت آهي، اسرار علي لکيو ته معافي به بهادر وٺندا آهن اهو بزدل آهي بزدل کي معاف ڪرڻ گهرجي، گلاب راءِ لکيو ته سنڌ ۾ تمام نا انصافي خاص ڪري ميگھواڙ ڪولهي ڀيل غريب سان ٿئي ٿي، غلام مرتضيٰ لکيو ته استاد سڀ ھڪ ٿين ھا شاگرد پاڻ معافي وٺي ھا پر ڪجهه استاد پاڻ وڻائڻ لاءِ استاد کي منٿون ڪري معافي وٺرائي ويا استاد جو احترام ڪرڻ ضروري آ. نورل کوسو لکيو ته انهن مان اها ئي اميد ڪري سگهجي ٿي، منور بجير لکيو ته وڊيو رڪارڊ ڪرائڻ ضروري ھو؟ عبدالستار لکيو ته افسوس،
ڀرڳڙي صديق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سردار شاهه کي اپيل: ڏنو ڌانڌل جو ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استاد ونود ميگهواڙ کي شاگردن آڏو هڪ خراب قسم جي ڇوڪري چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ڪجھه ماڻهن ملي معاملو لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي موجود آهن. 1. استاد ونود ميگهواڙ تي حملي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي، 2.استاد ونود ميگهواڙ تي حملي واري واقعي ۾ اسڪول انتظاميه طرفان ڪنهن به معاملو لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ان کي فورن اسڪول مان رليو ڪيو وڃي. طالب شر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پڙهندي سنڌ ته وڌنڌي سنڌ : ٿرپاڪر ضلعي جي ڏانو ڌانڌل اسڪول جي استاد ونود ميگهواڙ کان معافي وٺڻ جي وڊيو…. وڊيو مان لڳي رهيو آهي ته استاد تي دٻاءُ آهي، ساٿي استادن کي شرم اچڻ گھرجي جيڪي غلط قسم جي ماڻھو کي پيا بچائن.