ٽنڊوآدم ( رپورٽ سليمان ساند ) سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي وڇوڙي کي 43 ورهيه وهامي خاندان پاران اڄ سندس ورسي سادگي سان ملهائي ويندي رپورٽ موجب سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان وڇوڙي کي 43 ورهيه وهامي ويا آهن سندس ڀائيٽي  استاد نادر علي خان پاران سندس ورسي سادگي سان ملهائي ويندي شام جو مرحوم جي روح کي ايثال ثواب لاءِ قران خواني بعد  مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي جنهن بعد خيرات جي ماني کارائي ويندي. سندس مشهور ڪلامن ۾ پرچن شال پنهوار، ويندس يار مري ، عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آهي ، آهيون عبديت جي اولي وو يار ، سُڌ نه سورن جي ڪل نه ڪا ، محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي ، ڇڏ رسان مان آءُ تون يار مون کي تنهنجي سار سنڀار، آء ڪھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو ، سڪندي ٿيڙم سال سميت ڪيترائي ٻيا ڪلام پڻ مشهور ٿيا. استاد کي 43  ورهيه وهامي ويا آهن  پر سندس راڳ جي مهڪ اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ ڌڙڪي رهي آهي هو جسماني طور ته اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر پنهنجي فن  ۽ شخصيت سبب سنڌ واسين کي وسري ناهي سگهيو.