استاد بخاري جي شاعري ۾ انسانيت جو فڪر!

0
59
استاد بخاري جي شاعري ۾ انسانيت جو فڪر!

 استاد بخاري جي نالي چوندا آھن ته ھو عوامي شاعر آھي، جنهن عام ڳوٺاڻي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي.

                 مان استاد کي عوامي نه بلڪه طبقاتي،رومانوي، انقلابي، مزاحمتي، وطن دوست، سچ جي پرچار ڪندڙ  شاعر چوندو آھيان، ڇو ته استاد اسان جي وچ ۾ صدين تائين زنده رھندو.

                 اھا ڳالهه شيخ اياز به لکي آھي، ھو پنهنجي ڪتاب“ ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو. “عوامي شاعر وقتي ھوندا آھن، شاھه لطيف عوامي شاعر نه ھو، جي عوامي شاھر ھجي ھا ته ھن جون ايتريون تشريحون لکيون نه وڃن ھا”.

                 جيڪڏهن استاد جي شاعري ۾ سونهن ڏسجي وري فني حساب سان جيڪي لفظن جو ويس پارايون اٿس ان جو مثال ھن جي شاعري آھي. وري ٻولي ته ايڏي سولي سھنجھي اٿس. جنهن جي ڪري سنڌ جي ھر عام ھاري ۽ ناري کي ان جا شعر ياد ھوندا آھن.

                 استاد پنهنجي شاعري جي ذريعي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي نظام جي نندا ڪري ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن کي اھو ٻڌائي ٿو ته اسان جي بقا انهيَ ۾ آھي، اسان اھڙي ڪني سماج مان جان آجي ڪرايون.

ڪيترن ڪمزور ھٿڙن جي شڪست

ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان !

ڪيترن شھزور چنبن جي گرفت

ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان!

سنڌ جي شاعرن وٽ عالمي ليول جو فڪر ھوندو آھي، اھو کڻي لطيف، اياز ڇو نه استاد بخاري ھجي، انهن وٽ سموري انسان ذات لاءِ محبت آھي.

اھي پنهنجي شاعري ۾ سموري انسان ذات کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيندا آھن ته امن پيار محبت ۾ ئي انسانيت ۽ انسان جي ڀلائي شان مان آھي.

پر دنيا جي تاريخ شايد آھي ته اھو انسان ئي آھي جنهن ھماليه جبل جي چوٽي سر ڪئي آھي اھو بھادر، ھمت ڀريو آھي.

اھو به انسان ئي آهي جيڪو ماضي جي ڀيانڪ دور کي ختم ڪري اڄ جي دور ۾ پھتو آھي، انسان بھادر به آھي، دلير به آھي، ڊڄڻو به آھي، فسادي به آھي،ويڙھو به آھي. دنيا جي تاريخ ۾ يونان کان ويندي فرانس تائين جنگيون لڳيون آھن.

اھو به انسان آھي جنهن ٻئي انسان جو رت وھائي خوشي ماڻي آھي، اھو کڻي قديم روم جو زينو بادشاھه ڇو نه ھجي جنهن ٻين جي گهر کي ساڙي خوشي ڪئي ھجي ٽھڪ ڏنا ھجن. انسا جو دشمن به انسان ٿيو آھي.

ڪنهن آھه ھماليه جي ڪئي سر چوٽي

ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي:

ھي حضرت انسان آ، ھن ئي آھي

دنيا جي تباھي لئي وڏي کڏ کوٽي:

بخاري جي سوچ ترقي پسندي واري ھئي، ھو ڪوڙن مذھبي ريتن رسمن کي مڃي ڪو نه پيو. ھو چاھي پيو ته ھر شيءَ ۾ ريفارم اچڻ گهرجي ۽ عقل جي بنياد تي شين کي جاچڻ کپي.نج تحقيق ڪري پوءِ ئي نتيجي تي پھچجي. استاد لکي ٿو ;

انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا.

ڌرتي کان ھلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا.

تحقيق جي مضبوط ھٿوڙي سان ٽڪوري

وھمن جا ٺلھا ٺاٺ ڀڃون ٿا سو ڀڃون ٿا.

دنيا جي وجود کان وٺي جھيڙا، ڦڏا انسان جي فطرت ۾ رھيا آھن ۽ رھندا اچن پيا ۽ ھزارن سالن کان وٺي انسان رت جي راند ڪندا آيا آھن.  ڪجهه ماڻهو ھن ڌرتي جي گولي تي اھڙا به پيدا ٿيا آھن جن  امن کي برقرار رکڻ لاءِ سر جي قرباني ڏني آھي پر بخاري پنهنجي شاعري جي ذريعي اھو سيکاري ٿو ته ڦڏن، فسادن کي ختم ڪرڻو آھي، امن جو پرچم بلند ڪرڻو آھي. استاد لکي ٿو:

استاد ڇڏي ڏينس، پراڻو ساڳيو

منصور ۽ ملا جو ھي قصو آھي

انسان جو انسان سان آھي جهيڙو

مان ڪيئن ڇڏيان منهنجو به حصو آھي.

جتي استاد انسان کي پيار، محبت جو درس ڏئي ٿو اتي ئي اھو جوش جذبو ولولو ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڪرڻ چاھي ته اھو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن انسان پنهنجي عظمت کي مڃي وٺي ته ھن لاءِ جھان ۾ ڪجهه ڏکيو ناھي. بخاري لکي ٿو;

آ عرش ، نشين عرض اگھائي ڪوئي!

آ اھل ، زمين ظلم مٽائي ڪوئي !

ٻي رب جي مخلوق کي طاقت ناھي

انسان کي انسان مڃائي ڪوئي.

بخاري وڙھڻ به سيکاري ٿو جيڪو توھان جو حق ھجي اھو وڙھي وٺو ڀلي دشمن ڪيڏو به طاقتور ڇونه ھجي، اسان کي ھر حالت ۾ ان سان مھاڏو اٽڪائڻو آھي، نه ظلم پاڻ تي برداشت ڪرڻو آھي ھر حالت ۾ ان جي نندا ڪرڻي آھي، ھن وقت معاشري ۽ سماج جي ضرورت آھي . بخاري لکي ٿو:

جو ظلم ڪندڙ آھه اھو آ شيطان

جو ظلم سھي ڪين ڪڇي سو حيوان

جو امن ڏئي امن گهري امن وٺي

ھن دور جو انسان اھو آ انسان

استاد بخاري جھڙا شاعر صدين کان پوءِ ھن ڌرتي تي جنم وٺندا آھن.