دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) سونهن سڀيتا، قومي ۽ سدا حيات شاعر احمد شاھ استاد بخاري کي وڇڙئي 32 سال گذري ويا، استاد بخاري جي ڳوٺ غلام ۾ پهرئين جنوري 1930 ۾ سيد حاجن شاھ بخاري جي گهر ۾ جنم ورتو  ۽ 9  آڪٽوبر 1992 ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي وفات ڪئي. ثقافت کاتي جي سهڪار سان استاد بخاري ادبي ڪائونسل پاران استاد بخاري جي 32 ، ورسي جي موقعي تي اڄ 9  آڪٽوبر تي ضلعي ڪائونسل پارڪ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ثقافت ، سياحت کاتي جو صوبائي وزير ذوالفقار شاھ مهمان خاص هوندو، تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان وڏي انگ ۾ اديب ، شاعر ۽ فنڪار پڻ شرڪت ڪندا ، ان موقعي تي محفل موسيقي جي تقريب پڻ رٿي وئي آهي ، جنهن ۾ منظور سخيراڻي ، اسلم راهي ، ريشما پروين ۽ ٻيا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ٻئي پاسي استاد بخاري جي 32 ورسي جي موقعي تي ڪالهه پهريون ڀيرو دادو انتظاميا پاران استاد بخاري جي ورسي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ دادو ۽ جوهي جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران استاد بخاري جي زندگي ۽ شاعري تي روشني وڌي ، ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته استاد بخاري سونهن ۽ فطرت جو شاعر هو ، سندس شاعري نوجوانن راھ مشعل آهي، سندس شاعري ۾ سونهن سڀيتا ، ڌرتي ۽ وطن جي حب نظر اچي ٿي ، ان لاء اسان شاگردن ، شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا منقد ڪيا آهن ته جئين شاگردن ۾ شاعري، ادب سان لڳاء رهي ۽ نوجوان نسل کي استاد جي شاعري بابت ڄاڻ ملي سگهي ، ڊي او سيڪنڊري محمد موسي کوکر چيو ته استاد بخاري ۽ مان هڪ ئي ڳوٺ جا آهيون ، مان استاد جي صحبت ۾ رهيس ۽ شاگرد به رهيس ، استاد جيڏو وڏو شاعر هو ايترو ئي مهان انسان هو ، استاد هر ڪنهن سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو ، تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊ ۽ استاد جا ڪتاب ڏنا ويا.