حيدرآباد: قاسم آباد واسي افتخار چانڊيو استاد آهي جنهن پوليس کي ٻڌايو ته هو ڊيوٽي تي ويو هو جڏهن ته سندس زال به ماسترياڻي هئڻ سبب اها به پنهنجي اسڪول ڊيوٽي تي وئي هئي ۽ جيئن ئي هو اسڪول ٽائيم کانپوءِ گهر پهتو ته فليٽ جو در بند هو. پوليس موجب مسمات ريشم ۽ سندس ڌيءُ عمار جا لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس والد جي حوالي ڪيا. سول اسپتال ۾ ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ جا لاش چئن ڪلاڪن تائين پيل هئا پر مقتولا ناري جو مڙس عبدالفتاح اسپتال نه پهتو هو. اسپتال ۾ رڳو سندس والد ۽ ٻيا وارث موجود هئا.