ڪراچي(اسٽاف  رپورٽر)سنڌ  حڪومت خانگي اسڪولن جي تڪراري بڻيل  ڊي  جي کي هٽائي ڇڏيو، خانگي اسڪولن واري ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر  سلمان رضا خلاف خانگي اسڪولن جي انتظاميا  احتجاج ڪندي الزام هنيو هو ته ڊي  جي اسڪولن جي  انتظاميا ۽  استادن خلاف گٿا لفظ استعمال ڪري ٿو، جنهن جون ڪيتريون ئي آڊيوز ۽ وڊيوز موجود آهن، خانگي اسڪولن ۽ والدين  وچ ۾ جهيڙا  ڪرائڻ لاءِ سازشون سٽي ٿو، انهي ڪري کيس  هٽايو وڃي،  ٻي صورت م15000 اخانگي اسڪول هڙتال ڪندا، اهڙن الزامن کانپوءِ  تعليم واري وزير   سردار شاهه ڊي  جي کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪالهه  چيف  سيڪريٽري  نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊي جي طور مقرر ٿيل پروفيسر  سلمان رضا کي هٽائي  ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾  رپورٽ ڪرڻ  جو حڪم ڏنو آهي.