ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي پاران استادن جي لائسنس لاءِ سيپٽمبر ۾ ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ سروس ذريعي ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو، ايندڙ هفتي اشتهار شايع ڪرڻ جو اعلان، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي تعليم واري وزير  سردار شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ استادن جي لائسنس پاليسي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ استادن جي لائسنس جي ٽيسٽ لاءِ ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ ايجنسي جي چونڊ لاءِ قانون تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان موقعي تي صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ ايجنسي لاءِ اشتهار ايندڙ هفتي تائين جاري ڪيو ويندو،