ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع محمد صديقي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 26 ترميم خلاف داخل درخواست تي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 26 ترميم خلاف اڳ ۾ پٽيشنون آيل آهن، ڇو نه توهان جي درخواست کي به ٻين درخواستن سان گڏ ڪريون، شاهد خاقان جي وڪيل معيذ جعفري چيو ته اسان اسٽي چاهيون ٿا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان قانون کي معطل نٿا ڪري سگهون، قانون کي معطل ڪري حڪم نامو ڪيئن جاري ڪري سگهجي ٿو؟ عدالت 26هين ترميم خلاف ٻڌڻي هيٺ پيل ٻين درخواستن کي گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.