اھڙا ڪيترائي علم ۽ اھڙن علمن جون شاخون آھن، جي کي سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن خاص طور تي سرڪاري ادارن ۾ پڙھايو وڃي ٿو نه انھن جي باري ۾ ڪنھن کي سرسري ڄاڻ به آھي. وفاقي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ ايِ سي) ھجي يا اسان جي صوبائي ايڇ ايِ سي تعليم جي اعليٰ ادارن کي پنھنجين پنھنجين مرضين ۽ خواھشن جي آڌار ھلائڻ ۽ ڊوڙائڻ ۾ ته اڳيان اڳيان آھن پر جن جديد ۽ وقتائتن علمن ۽ علمي شاخن کي پاڪستان جي ٻين صوبن جي يونيورسٽين ۾ پڙھايو وڃي ٿو، اھڙن ڪورسز کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙھايو وڃي ٿو، نه وري ھي ٻئي ڪميشنز اھڙن ڪورسز کي شروع ڪرائڻ جي لاءِ اڳيان اچن ٿيون. جھڙوڪ: مختلف شعبن جي لاءِ ليڊرشپ ڪورسز ۽ ليڊرشپ ڊگري پروگرامز. اسان جي سرڪاري يونيورسٽن ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان ايم بي ايز جا مختلف ۽ جديد کان جديد ڊگري ڪورسز ته دستياب آھن پر ايجوڪيشن ۾ ايم بي اي سنڌ جي ڪھڙي سرڪاري يونيورسٽي ڪرائي ٿي ڪابه سڌ ڪانھي. ساڳي طرح سان ايجوڪيشنل ليڊرشپ اينڊ مينيجمنٽ (اي ايل ايم) ۽ ايجوڪيشنل پلاننگ اينڊ مينيجنمٽ (اي پي ايم) جي ڪورسز ۽ ڊگري پروگرامز کي سنڌ جون غير سرڪاري يونيورسٽيون ته ڌام ڌوم سان ڪرائي رھيون آھن پر سرڪاري يونيورسٽيون اھڙي قسم جي ڪا به آڇ ڪونه ٿيون ڪن. واقعي سنڌ بدنصيب صوبو آھي جو پنھنجن جي مدد ۽ سھولتڪاري سان صوبي جي زمينن جي لٽ مار به ٿيندي رھي ٿي، وسيلا به زوري کنڀيا وڃن ٿا ۽ ھاڻي ته سنڌو درياءَ کي سڪائڻ جا منصوبا به سامھون اچي چڪا آھن. ساڳي سھولتڪاري سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباھ ڪرڻ ۾ به پنھنجو ڪردار نڀائي رھي آھي. ڇا اسان اهو سمجھون ته سنڌ جي يونيورسٽين کي اھڙن ليڊرشپ ڪورسز ۽ پروگرامز کي ساڻ کڻي ھلڻ کان منع ڪيل آھي. اڄ کان ارڙھن سال اڳ پنھنجي ھڪ ھمدرد ساٿيءَ جي صلاح مشوري سان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي (اڳوڻي پيپلز اوپن يونيورسٽي)، اسلام آباد ۾ مون جڏھن ايم اي، اي پي ايم ۾ پئي ڪئي ته پنھنجي ھن ڪورس جي ورڪشاپ دوران ھڪ پروفيسر کان مون ھي معلوم ڪيو ته توھان ھن پروگرام جي شروعات ڪھڙي سال کان ڪئي آھي ته ھن ٻڌايو ته نوي جي ڏھاڪي کان. بقول پروفيسر جي: اسان جي يونيورسٽي ھي محسوس ڪيو ته ملڪ جي تعليمي ادارن خاص طور تي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم وارن ادارن کي ڪاميابي سان ھلائڻ جي لاءِ ھڪ اھڙي ليڊرشپ ڪورس / پروگرام جي ضرورت آھي، جيڪو اسان جي تعليمي سربراھن جي صلاحيتن کي مٿي کڻڻ سان گڏ ھنن کي ھن قابل به بڻائي ته اھي ڪورسز کي ڪرڻ بعد پنھنجي صلاحيتن آڌار، محدود وسيلن ۽ مناسب بجيٽز جي اندر رھي ڪري ملڪي تعليمي معيار کي عالمي تعليمي معيار سان ھم آھنگ ڪري ھلائڻ جي قابل بڻجن.
پروفيسر وڌيڪ ٻڌايو: ھن سان گڏ تعليمي سربراھ اسان جي ڪورسز کي ڪرڻ بعد ٻارن جي لاءِ تعليمي ماحول ۽ اسڪولي اڏاوتن کي به گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته پرڪشش بڻائڻ جي قابل بڻجي ويندا جو ھڪ دفعو ٻار جڏھن دروازو ٽپي اسڪول اندر داخل ٿي وڃي ته ٻيھر واپس وڃڻ جو نالو ئي نه وٺي. وقت گذرندو رھيو ۽ اسان دنيا سان گڏ گڏ ھلڻ کان ته پري آھيون ئي آھيون پر پنجاب ۽ وفاقي گادي واري ھڪڙي شھر اسلام آباد کان به ڪوھين ڏور بيٺل آھيون جو منھنجي اي پي ايم واري ان بيچ ۾ سواءِ منھنجي، پوري سنڌ مان ٻيو ڪوبه فرد شامل نه ھو. 200 جي تعداد ۾ پنجاب جو انگ سڀني کان مٿي، پختونخوا ۽ اتريئن علائقن جا ماڻھو ٻئي نمبر تي، وفاقي گادي وارا ٽئين نمبر تي ھئا. سنڌ کان ته چترال ۽ گلگت جي فردن جو تعداد به وڌيڪ ھو. اندازو لڳايو ته اسان ڪٿي بيٺل آھيون. ممڪن آھي ھينئر ائين نه ھجي، ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اضافي ڪيمپسز جي جڙڻ بعد انتظامي عھدن تي ويٺل ماڻھن ۾ اھڙا ماڻھو به شامل ھجن، جيڪي ذڪر ھيٺ ڪورسز وارا ئي ھجن. ھن ڳالھ جي ثابتي مونکي ائين ملي جو ھڪ ڏينھن مورو شھر ۾ تيار ٿيندڙ ڪيمپس جي عملي جا ڪجھ ماڻھو اسان سان اسڪول ۾ ملڻ لاءِ آيا ۽ رسمي ملاقات بعد معلوم ٿيو ته عملي ۾ شامل ھڪ فرد ايم ايَ اي پي ايم وارو به آھي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور واري ايجوڪيشن پاليسي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ ڊاڪٽر ۽ انجنيئرز تيار ڪرڻ جي لاءِ جڏھن ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ به انٽرميڊيئيٽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو پئي ويو ته سواءِ ٻن قسمن جي تعليم يعني پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي، ٻئي شعبي واري تعليم کي شامل ئي ڪونه ڪيو ويو ھو. بعد ۾ ھيومنٽيز کي شامل ته ڪيو ويو پر والدين، ٻارن ۽ تعليمي کاتي پاران مناسب ڌيان نه ڏيڻ سبب اھو شعبو توڻي جو اڄ به زندھ آھي پر ان جي اھميت اٽي ۾ لوڻ جي برابر آھي. ٻئي پاسي پنجاب جي صنعتي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪاليجي سطح تي ئي اھڙا ڪيترائي ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، جيڪي جديد دور ۽ جديد صنعتي گھرجن کي سامھون رکي تيار ڪيا آھن ۽ شروع ڪرايا وڃن ٿا جھڙوڪ: آئي سي ايس (انٽرميڊيئٽ ان ڪمپيوٽر سائنس). جڏھن ته اسان جا ڪاليج اڄ به آئي سي ايس کان پري آھن. ھن وقت سنڌ ۾ اھڙن ٻارن جو انگ ھزارن ۾ آھي، جيڪي چون ٿا ته اسان سافٽ ويئر انجنيئر بڻجڻ چاھيون ٿا، اسان آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ نالو ڪمائڻ چاھيون ٿا يا اسان ميڊيا سائنس کي پڙھڻ چاھيون ٿا پر اسان جا والدين اسان کي يا ته ڊاڪٽر ڏسڻ چاھين ٿا يا وري سول يا اليڪٽريڪل انجنيئر.
ھڪ استاد ھجڻ ناتي منھنجو واسطو ٻارن سان روزاني جي بنياد تي پوندو رھي ٿو. ٻار مونکان پنھنجي مستقبل جي باري ۾ صلاحون ڪن ٿا ۽ پنھنجي والدين جي خوابن يعني خواھشن جو ذڪر ڪندا رھن ٿا. ھڪ محتاط اندازي موجب ڇوڪريون ھجن يا ڇوڪرا ھاڻي ڊاڪٽر يا انجنيئر بڻجڻ نٿا چاھين پر اھي زندگي جي ٻين شعبن ۾ پنھنجي قسمت آزمائڻ چاھين ٿا. مزي جي ڳالھ ته ھن سلسلي ۾ اسڪول ھنن جا مددگار بڻجي رھيا آھن نه استاد ڪا رھنمائي ڪرڻ جي قابل آھن ۽ والدين جي ڇا ڳالھ ڪجي جو ٻارن جا لٿل مُنھن ڏسي ٻارن جي بي وسي جو اندازو خوب ٿي وڃي ٿو. ھي آھي اھا بي رحم دنيا جيڪا اسان جي ٻارن جو مستقبل روشن نه پر اونداھو ڪري رھي آھي. اسان جو تعليم کاتو ۽ صوبائي ايڇ اي سي جيڪڏھن ڪاليجي سطح تي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم سان گڏ آئي سي ايس ۽ ٻيا ڪورس شروع ڪرائي ته والدين پاران ٻارن تي پنھنجيون مرضيون ھلائڻ وارن حربن جو تعداد گھٽجي سگھي ٿو. پڙھڻ جا موقعا وڌيڪ ھوندا ته ٻار پنھنجي مرضيءَ واري شعبي ۾ داخل ٿي بغير ڪنھن الجھن جي، آزاديءَ سان اڳتي وڌندا ويندا ۽ ھڪ ڏينھن پنھنجي زندگي جي مقصد کي حاصل ڪري ويندا. اھڙا ٻار ئي معاشري جي بھتري ۾ پنھنجو حصو وجھي سگھن ٿا ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ پنھنجو ھاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جي پاليسي ساز ادارن کي ھن پاسي ڌيان ضرور ڏيڻ گھرجي. سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ايجوڪيشنل ليڊرشپ جا ڊگري ڪورس ھلائڻ جا بندوبست ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. غيرسرڪاري ادارن ۾ پڙھڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي ۽ شايد اھوئي سبب آھي ته سرڪاري ادارن ۾ ڪورسن جي عدم دستيابي جي سبب ھزارين آھن اھڙا جن جا خواب عذاب بڻجي وڃن ٿا ۽ سوين آھن اھڙيون جن جون خاموش خواھشون، لازوال خواريون بڻجي وڃن ٿيون. دنيا سان ڀلي نه ھلو پر ملڪ جي ٻين صوبن جي تعليمي پاليسين، جديد نصابن، سرٽيفيڪيٽ ۽ ڊگري ڪورسز کي پنھنجي ادارن جي شعبن جي زينت ضرور بڻايو ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ تعليم جي ميدان ۾ ته سنڌ ٻين صوبن کان پوئتي نه رھي.