اسان ڪيڏي تيزيءَ سان وطن وڃائيندا پيا وڃون!

0
58
اسان ڪيڏي تيزيءَ سان وطن وڃائيندا پيا وڃون!

 آغا سليم پنھنجي تاريخي ناول “اونداھي، ڌرتي روشن ھٿ” ۾ جنھن سارنگ جو ڪردار تخليق ڪيو ھو، ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي. ٺٽي جي شاندار ماضي کي ڦلھورڻ سان الائي ڪيترا سارنگ لڀي پوندا، جن وطن جي عظمت خاطر وقت جي ارغونن، ترخانن، پورچوگيزن ۽ تاتارين سان سر جون چوٽون کاڌيون ۽ ٺٽي جو موڙ سدائين مٿانھون رھيو. اسين صرف ڄام نندي جي بادشاھت ۽ نواب دولھ درياھ خان جي شجاعت جو ذڪر ڪرڻ تائين مضمون کي محدود ڪريون، تڏھن به ٺٽي جو ماضي مصر جي اهرامن کان گھڻو اوچو نظر ايندو. اسين ان ڏس ۾ لطيف جي ھم ذوق مخدوم معين الدين عرف مخدوم ٺاري جي فڪري نڪتن، عطا ٺٽوي جي فارسي ڪلام، شاهه شريف ڀاڏائي جي اساسي شاعري سميت ھن تاريخي پرڳڻي جي سياست، علم فن دستڪاري، ڪاشي، حڪمت، ڏاھپ، راڳ، جنگ جھڙن اھم شعبن ۾ وڃي سوين املھ ماڻڪ ميڙي دنيا جي سامھون موھن دڙي جي قد برابر رکي سگھون ٿا. ٺٽو ڪو شھر نه پر سنڌ جي ماٿي جو جھومر رھيو آھي. اھو ھو ھن حسين خطي جو روشن ۽ رنگين ماضي!

عوام جو رت چوسيندڙ وڏيرن جون لوڌون وک وک تي قبضا گيرن جون وحشتون، گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گٽڪي، پان، ٺري ۽ چرس جا اڏا، رشوتي پوليس آفيسر، ڪرمنل قلم فروش، رھزن ڪامورن جا ڪٽڪ، ڦرون، ڌاڙا، لينڊ گريبنگ، پاڻي جي کوٽ، روزگار جي اڻھوند، بک، عدم تحفظ- اھو ھن ضلعي جو مختصر ۽ مٿاڇرو ھاڻوڪو تعارف آھي پر ان ۾ سڀ کان ڀيانڪ شڪل ھن ضلعي جي، مشرف دور کان وٺي ھن وقت تائين جي سياسي سسٽم جي آھي، جتي ھڪ خاص ڪرمنل ٽولو قابض ٿي ويھي رھيو آھي، جنھن ضلعي ۾ مڪمل ٻاڪر ڪٽو مچائي ڇڏيو آھي. ھن ڪرمنل ٽولي اڻ اعلانيل مارشلا مڙھي آھي. ڪڇڻ پڇڻ بند آھي. ضلعي جا پراڻا سياسي وڏيرا ٿوري گھڻي حصيداري تي خاموش آھن. ڪجھ نوان فارمي وڏيرا پيدا ڪري کين زمينن، پلاٽن ۽ ترقياتي رٿائن مان چڱي خاصي دولت ڏئي مچائي مواڙ ڪري ميدان تي لاٿو ويو آھي، جيڪي ھر وقت “حڪم ميري آقا، ڪس ڪي جان ليني ھي!” چيو ٻانھون ٻڌيو ھڪڙي گاڊ فادر اڳيان بيٺا آھن. اظھار جي آزادي سلب آھي. ضلعي جو جابلو حصو ۽ سامونڊي ڪنڌي ڌارين حوالي ٿي چڪي آھي. اسپتالن، اسڪولن ۽ عوامي ڀلائي جا فنڊ ديدا دليري سان ھڙپ ڪيا پيا وڃن. سرڪاري اسپتالن ۾ نانگ ڪکئي جي سُئي به نٿي ملي. ضلعي جي وڏي سرڪاري سول اسپتال مڪلي ھڪڙي اين جي او جي ڪرپٽ مافيا جي سپرد ڪئي وئي آھي، جنھن سموري بجيٽ ڳڙڪائي غريبن لاءِ فيون وڌائي لٽ مار جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي. وڏيرن، ڪامورن ۽ چاپلوسن جي محلن، گھرن ۽ اڪائونٽن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. غريب عوام ماني، چادر ۽ ڇت لاءِ واجھائي رھيو آھي. پاڻي رھيل ھو، ھاڻ ان ڪرفتي ۽ گند مليل پاڻي کي به ھڪ خاص ٽولي جي مفادن لاءِ روڪيو پيو وڃي. ان جو زنده مثال اڏيرو بئراج آھي، جنھن تي آواز اٿاريندڙ سياسي ڪارڪنن، آبادگارن، صحافين ۽ ھارين تي لڳ ڀڳ 7 سئو ماڻھن تي ايف آءِ آرون داخل ڪري کين ڪيسن جي حوالي ڪيو ويو. وڏيرن جي سند سان ڪينجھر ڍنڍ تي والار ڪري ڪي فور، ڪي فائيو جي منصوبي تحت سمورو پاڻي چورايو پيو وڃي. ايندڙ ربيع ۽ خريف ته ڇا پيئڻ جو پاڻي به ھن خطي جي رھواسين لاءِ خواب بڻجي ويندو. نام نھاد پڙھيل لکيل طبقو ان خاص مافيا جي پگھار تي عوامي مفادن جي خلاف ميدان تي لٿل آھي. پورو ضلعو خوف هراس، بي چيني ۽ اذيت ۾ ورتل آھي. چند فرد خوش آھن. اھا خاص مافيا پنھنجي خلاف ھڪ لفظ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. جيڪو ڪڇي ٿو، ان خلاف وقت جا ملان قوي قلم کي تلوار وانگر تکو ڪريو ٻاھر نڪريو اچن. “شاھ کان وڌيڪ شاھ جي وفادارن” طرفان سچن ۽ حقيقي ھڏ ڏوکين جي ڪردار تي مسلسل گند اڇلائي سندن ساک تي حملا ڪري عوام کي مونجھاري ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش جاري رھي آھي. ھڪ دفعو وري ٺٽي ضلعي جي سادي سودي خلقت جي مٿان ان ساڳي پراڻي ٽولي کي مسلط ڪرڻ جا جتن جاري آھن. اليڪشن ڪيتري شفاف آھي، ان تي اھل علم بلڪل واضح آھن ته ڪاري ڏاند جا ڌڻي اڳواٽ نتيجا طئه ڪريو ويٺا آھن. ڪراچي ۽ ڄامشوري کان پوءِ زمينن تي قبضي ۽ ميگا رھائشي اسڪيمن جي زد ۾ ھاڻ ٺٽو ضلعو آھي. ان ڪري ھڪ اھڙي ماڻھوءَ کي ضلعي جو آڳي واڳي ڪيو ويو آھي، جنھن 2010ع جي ٻوڏ دوران سوين ايمبولينس گاڏيون وڪڻي ڇڏيون. 15 سال سنڌ جي ايريگيشن کاتي جي ستياناس ان شخص ڪئي. ٺٽي جون قيمتي زمينون ان طاقتور بڻايل شخص قبضي ڪيون آھن. من پسند ڊي سي ويھاري ضلعي ٺٽي جو روينيو رڪارڊ نواب شاهه منتقل ڪيو ويو، جتي مورثي کاتن ۾ ھيرا ڦيري ڪري ماڻھن کان اباڻيون زمينون کسيون ويون آھن. سنڌ سموري جيان ٺٽو وري ڪي نيون مصيبتون ڏسندو. ماضي جون ھولناڪيون اڃان تائين مڪلي جي قبرن مان ٻاڪاري رھيون آھن. آخوند صالح جي ڪپيل زبان مان ٽمندڙ رت وري ڪا نئين تاريخ ورجائي رھيو آھي.

گھگھر ڦاٽڪ جتي ختم ٿئي ٿو، اتان کان ٻنھي پاسي ساحلي ۽ جابلو پٽي جي زمينن تي لڳ ڀڳ قبضا ٿي چڪا آھن. افغاني پٺاڻ، روھينگا برمي، پنجابي، ڪشميري، سنڌي بلڊر مافيا تقريبن زمينون ولاري ورتيون آھن. بحريا ٽائون, اومني گروپ, ڊي ايڇ اي ۽ ٻين ميگا رھائشي ادارن جي ان ۾ وڏي بندر بانٽ آھي. ان سڄي قبضاگيري کي اڳوڻي حڪمران مافيا جو مڪمل سھڪار ۽ آشيراواد آھي. دابيجي کان وٺي ويندي جھمپير تائين ٺٽي جي سرڪاري وڏيرن زمينن تي قبضا ڪري ٻاھرين ڪمپنين ۽ ڌارين کي وڪرو ڪيون آھن. سابق ڊي سي اھڙو راشي ھو، جنھن حصي پتي تي ضلعي جي ٻاڙي به ڪانه ڇڏي. ڊي سي ھائوس ٺٽي ۾ ويٺل ٻه ٽي مقامي ڪلارڪ ان ڪاري ڪاروبار ۾ سڀني کان اڳڀرا آھن. روينيو ٺٽو ته واڪ تي ھلي ٿو. ضلعي جي چڱ مڙسي صرف ھڪڙي سابق ايم پي اي ۽ ان جي ڪمدارن جي حوالي آھي، جيڪي ضلع جي شاداب زمينن، صحت، تعليم، بلديات جا سڀ پئسا ڳڙڪايو وڃن. ٺٽو ضلعو ھن وقت چورن، ڏوھارين ۽ لٽيرن جي جنت بڻيل آھي. چونڊيل نمائندا کائي نڙ ٿيا، ھاڻ ضلعي ۾ مخالف ڌر جو وجود ڪونھي. ماڻھو ائين ڪڇن جھڙي ڀت. وڏو اشو ڌارين جي آبادڪاري جو آھي. ڌاريا ٽرانسپورٽ، ھوٽلنگ، پيٽرول پمپ، ڪپڙي، ڪريانا، فروٽ ۽ ڀاڄي کان وٺي ھٿيارن جي وڪري تائين ضلعي ۾ سگھارا ٿي چڪا آھن. سنڌ کان ڪراچي کسڻ جي سلسلي ۾ رياست جو پورو فوڪس ٺٽي ضلعي تي آھي، ڇو ته ھتي سمنڊ آھي. ايندڙ اليڪشن ۾ ٺٽي جي ساحلي سيٽ تي ٻيھر ٻاھريون ماڻھو آندو پيو وڃي. ھن دانھن ڪوڪ تي اٿندو ڪير، جو ويھي رڙيون ڪجن! بس رڳو افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ته اسين ڪيڏو تيزي سان وطن وڃائيندا پيا وڃون!

تاريخ جي سنھري يادن سان ڀريل هن ضلعي جو مستقبل تمام وڏين مصيبتن جي سامھون آھي. ھڪ طرف ڪراچي کان جيڪي زمينن تي والار شروع ٿي آھي، ان ضلعي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. مستقبل قريب ۾ ذولفقار آباد جھڙا شھر ٺھڻ طرف وڃن پيا، جتي ڌارين کي آباد ڪري مقامي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو ويندو. ٻي طرف پوليس جي زور تي لاقانونيت جو راڄ مڙھي پرامن احتجاجن جا رستا روڪيا ويا آھن. سڀاڻي جي ڪنهن نئين جبري والار واري جاگرافي ۾ ٺٽو فتح ڪيل علائقو ھوندو. ھي فتح ارغونن ۽ پورچوگيزن واري فتح کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ ھوندي. آئون بحيثيت سياسي ڪارڪن جي پھريون دفعو ضلعي ٺٽي جي حالتن ۾ پاڻ کي مايوس محسوس ڪري رھيو آھيان. ان ڪري ته ھي دور ايترو سنگدل آھي، جو اسان جي ڳالھ تمام گھٽ ماڻھو ٻڌي سگھن ٿا. اسان وٽ سرڪاري طاقت، پئسو ناھي، نه وري عوام جي وسيع مدد اسان سان گڏ آھي. اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون، ڪيس ۽ سازشون سامھون آھن. جيتوڻيڪ اسين گاما پھلوان يا ٽارزن ناھيون پر ھنن سنگين حالتن ۾ سنڌ جي تاريخ شاھد رھندي ته اسان خاموش ناھيون ٿيا، نه ڊنا آھيون، نه وڪيا آھيون، نه دل ھاري ويٺا آھيون پر اڄ رڪارڊ جي درستگي لاءِ اھو سچ ضلعي جي ماڻھن آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجھان ته عوام اسان جو ساٿ نٿو ڏئي، اڪثريت چپ آھي يا وري ڪنھن نه ڪنھن وڏيري جي پويان آھي. نتيجي ۾ ھي خطو تباھي جي طرف پيو وڃي. اسان ته ڏکيو سکيو پنھجو ڪمزور آواز پيا اٿارينداسين، پوءِ جيڪي نتيجا نڪتا جيلن ۾ ٿا وجھن، رستن تي مارين ٿا پر حوصلو ھاري پنھنجي مادر وطن سان ۽ جنم ڀومي سان غداري نه ڪنداسين ۽ سڄي سنڌ، خاص طور ٺٽو جيسين ھمٿ ڪري، اتحاد ڪري طاقت سان مقابلو نه ڪندو، تيسين بربادي ڏانھن ھن قوم جو سفر جاري رھندو.