ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي انتهاپنسدي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ سنڌي ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ايڪتا ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان ايڪتا مشاعرو منعقد ڪيو ويو ، مشاعري واري تقريب جي صدارت ناليواري شاعر رفيق آس لغاري ڪئي ، مهمان خاص ناميارو شاعر آغا جان آغا هو. جڏهن ته اعزازي مهمان عاشق علي ڳاهو، نثار ناز، محمد علي صارم سرهيو ۽ ايل ڪي هرواڻي هئا ، مشاعري جي شروعات جان محمد لغاري جي آواز ۾ خوبصورت ڪلام سان ٿي ، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جي صدر ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي آجياڻو ڏيندي چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان لاءِ ثقافتي عيد برابر آهي اتساهه جو ڏينهن آهي جيڪو اسانکي پنهنجي تاريخي تهذيب ۽ ثقافت سان محبت جو درس ڏئي ٿو ، هن چيو ته اسان پنهنجي ثقافت جا امين آهيون، سنڌي ثقافت اسانجي نس نس ۾ سمايل آهي ، سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ضلعي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جي سيڪريٽري اعجاز علي جسڪاڻي پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ايڪتا مشاعري جي محفل اسان لاءِ دلي، ذهني ۽ روحاني سڪون سميت پنهنجي ڌرتيءِ، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت جو بي مثال اظهار آهي. هنن چيو ته تاريخ ۾ قومون پنهنجي ثقافت وسيلي سڃاتيون وينديون آهن ۽ اسانکي فخر آهي ته اسان هزارين سالن جي قديم تايخي ثقافت جا وارث آهيون ، ثقافتي مشاعري ۾ رفيق آس لغاري، آغا جان آغا ، نثار احمد ناز ، عاشق علي ڳاهو ، محمد علي صارم سرهيو ، اعظم ڀٽي ، ايل ڪي هرواڻي، سومار سنگم، روشن ٽنڊائي، پير ماجد جان سرهندي ، غلام نبي خاصخيلي ، مختيار نظاماڻي ، روشن ٽنڊائي، محمد اشرف گنجلاڻي، اياز لغاري جونيئر، سليم ملاح، گل محمد سومرو ڏات جا ڏيئا جرڪائي، شاعري وسيلي ايڪتا مشاعري کي رنگينيون ارپيون ، جڏهن ته جان محمد لغاري، فضل لغاري، حاڪم رند خوبصورت آواز ۾ ڪلام جهونگاري محفل کي وڌيڪ مهڪايو ، ايڪتا مشاعري ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جي شاعرن، اديبن، دانشورن، ساڃاهه وندن ۽ ادب دوستن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي