ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ ۾ 12 ڏينهن تائين هنيل ڌرڻي جي ڪاميابي بعد ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ ڪالهه ڪراچي سٽي ڪورٽ پهتو، ڪراچي بار ۾ پهچڻ تي وڪيلن عامر نواز وڙائچ تي گلن جي ورکا ڪئي، کيس گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون. هوڏانهن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي عامر وڙائچ  چيو ته ڪئنال رٿا رد ٿيڻ بعد هاڻي اسان کي چوڪيداري ڪرڻي پوندي ته جيئن ٻيهر اسان جي درياءَ تي ڪو به ڪئنال نه ٺهي سگهي، هن چيو ته اسان کي ايتري اميد نه هئي ته سنڌ جا ماڻهو ايڏو پيار ۽ محبت ڏيندا، ماڻهن کان جيڪو ڪجهه ٿي پئي سگهيو، انهن اسان لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو.