اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست خارج ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران مولوي اقبال حيدر چيو ته منهنجي پاران درخواست وقت سر داخل ڪئي وئي آهي، هاڻي نظرثاني ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، چاهيان ٿو ته ڪنهن ڪيس ۾ ان معاملي کي ڏٺو وڃي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اوهان اسان کان غير آئيني ڪم ڇو ٿا ڪرائڻ چاهيو، سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ اميدوارن جي مرضي آهي. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته مولوي اقبال صاحب اوهان وري ان طرف وڃي رهيا آهيو جنهن سبب پابندي لڳي هئي. عدالت، درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست خارج ڪري ڇڏي.