اسان ڏُکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄَ!

0
14
سنڌ جا ٻڏل علائقا ۽ برساتي پاڻيءَ جي نڪاسي جو سوال

اوهين اياڻا ويڄ……اوهان اهڙا ڏَڏ آهيو، جيڪي ڏنڀن سان ويتر وجود کي چڱ ڀلائيءَ جي سمورن امڪانن کان پري ڪري رهيا آهيو. اوهان جَڏي جِيءَ جو علاج، جيڪو تن طبيب بڻجي ڪري سگهو ٿا، ان لاءِ جراحي پيا تجويز ڪريو. اوهان عطائي، پنهنجا تجربا ڪري اڳ ئي اڌ ملڪ وڃائي چڪا آهيو ۽ هاڻي وري ان متروڪ نسخي تي ئي وري وري عمل ڪرڻ رهيا آهيو. توڙي جو اوهان ان عمل جي نتيجي کان واقف آهيو پر پوءِ به معاملي کي ڏاهپ واري نگاهه سان ڏسڻ بدران تباهيءَ واري اونداهي کُوههَ ۾ ٽپو ڏئي رهيا آهيو. اوهان جي ڪُلهي تي بندوق رکيل آهي، پر ان جو ٽرائگر هاڻي اوهان جي نه پر وقت جي هٿ ۾ آهي. اوهان اقتداري ٻاڙَ پوري ڪرڻ لاءِ رُڳو پنهنجو اهو ڪردار چونڊيو آهي، پر حُڪمرانو! ياد رکو ته، اوهان جو اهو ڪردار تاريخ ۾ نيڪ نامي نه آڻيندو. ڊپ اهو آهي ته، اوهان جا اهي اٻهرائيءَ ۽ ڏاهپ کان وانجهيل فيصلا هن ملڪ کي، ڪٿي سانحن ۽ المين جي جهول ۾ نه اُڇلائي ڇڏين، جيڪي فيصلا اوهان بلوچستان لاءِ ڪرڻ پيا وڃو! ڇا وري هينئر به اوهان بلوچستان جي پهاڙن کي ميزائيلن سان ڪنهن جنڊ آهوڙي جيان چِچرڻ جو ارادو ٿا رکو؟

بلوچستان لڳاتار سياسي حل واري ڦَڪيءَ ۽ ٻُڪيءَ جي تلاش ۾ آهي ۽ اوهان ان جو علاج وري به جراحيءَ سان ڪرڻ ٿا چاهيو. اوهان جا هٿ رُڳو جراحيءَ تي هِريل آهن، اوهان جي انهن ئي تجربن هن ملڪ کي معاشي طرح منجي داخل ڪري ۽ سڄي دُنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پنهنجي ملڪي وجود جي حِصي تي ته اهڙا فيصلا نه ڪريو، جيڪي چڱڀلائي آڻڻ بدران رهيل نالي ماتر ئي سهي، سموري صحت ۽ سگهائي کسي وٺن. بلوچستان بابت فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن. سرچاءَ جا سمورا گُر آزمائڻ گهرجن. پنهنجن کي پنهنجائپ سان پرچائڻ گهرجي پر اوهان هِيءَ ڪهڙي راند کيڏي رهيا آهيو؟ پيپلز پارٽي پاڻ کي جمهوريت جو چيمپيئن سمجهي ٿي. بلوچستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي. صدر مملڪت به پ پ جو آهي. مسلم ليگ (ن) به مرڪز ۾ حڪمران آهي. سڀ هڪ پيج تي آهن. هاڻي ته اوهان ماضيءَ جي ڪشمير ڪميٽيءَ جو کٽيو کائيندڙ کي به ساڳئي پيج تي آڻي ورتو آهي، جنهن جي سيٽ هميشه اقتداري ٽرين ۾ بُڪ هوندي آهي ۽ شانائتي سِيٽ نه ملڻ تي هُو ڪُجهه وقت جي دهمانن کان پوءِ اقتداري ٽرين جي آخري بوگي جي پائيدان جو مسافر بڻجڻ به قبول ڪري وٺندو آهي. هڪ طرف اوهان بلوچ سياسي اڳواڻ سردار اختر مينگل تي قومي اسيمبليءَ تان ڏنل استعيفا واپس وٺڻ لاءِ زور بار وارو ناٽڪ ڪري رهيا آهيو ته ٻئي طرف وري بلوچستان بابت اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهيو، جن جا سمورا نتيجا المناڪ ماضيءَ کان مختلف نٿا ٿي سگهن. بلوچستان کي محبت ۽ مسيحائيءَ جي گُهرج آهي. بلوچستان جي زخمن کي نفرتن جا نشتر نه پر پيار جا پَها گُهرجن. بلوچستان جا سمورا ماڻهو باغي نه آهن، اوهان پنهنجي اها سوچ بدلايو. سڄي ملڪ کي ڇو خاموشي جي وڻ ويڙهي وڪوڙي وئي آهي؟ حُڪمرانو اوهان ملڪ کي ڪيڏانهن پيا وٺي وڃو؟!

اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، بلوچستان جو مسئلو فيصلي سازيءَ ۾ شموليت ۽ آئين موجب وسيلن جي وارثيءَ جو حق آهي. هيستائين معاملا ان نهج تي ناهن پهتا، جو واپس موٽي نه سگهجي، پر اوهان هڪڙي پاسي جمهوريت جي ڳالهه ٿا ڪريو، ٻئي طرف وري بلوچستان کي سياسي طبيبن حوالي ڪرڻ بدران آپريشن ٿيٽر ۾ کڻي ٿا وڃو، اها عقل سان دشمني نه آهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟ ان ڪري اهڙا فيصلا نه ڪريو، جو اوهان کي سُڀاڻي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻو پوي. بلوچستان جو مسئلو سياسي حل ذريعي نبيريو وڃي. بلوچ سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪيون وڃن. جڏهن اوهان دهشتگرد کٿابين، افغانستان ۾ رياست جي ڄڻيل ‘وار لارڊس’ سان ڳالهيون ڪري سگهو ٿا، دهشتگرديءَ جي ذريعي هزارين ماڻهو ماريندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ بلوچ سياسي قيادت سان ڳالهيون آخر ڇو نٿيون ٿي سگهن؟