ڄام شورو(رپورٽر) نامور محقق ۽ اديب رحيم داد مولائي شيدائي جي ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رحيمداد مولائي شيدائي جون علم ادب جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون رهيون آهن. پر اسان جي معاشري ۾ کيس اھو مقام نه ملي سگهيو، جيڪو کيس ملڻ کپي ھا، هن علم ادب ، تحقيق ۽ تاريخ جي ميدا ۾ وڏو ڪم ڪيو تمام گهڻا ڪتاب لکيا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته هن جي خواهش هئي ته مان پنهنجي رهيل زندگي تحقيق لاءِ وقف ڪريان. مولائي شيدائي انوکي ۽ سنجيده طبيعت جو مالڪ هو. رحيمداد مولائي شيدائي کي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي تمام گهڻو عبور هو. سنڌي ادبي بورڊ رحيم داد مولائي شيدائي جا ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”جنت السنڌ ، تاريخ اسلام، سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا ، تاريخ سکر“ ڪتاب ”سنڌ جي صنعتي ۽ اقتصادي تاريخ “ ۽ ”ميخانهء مولائي شيدائي“ (خطن جو مجموعو) تي ڪم هلندڙ جيڪو جلد پڌرو ڪيو ويندو.