نوَن تارن کي انفراريڊ لھرن infrared radiations سان ئي ڇو ڏسندا آھيون ؟ جيئن ته انفراريڊ لھرن جي لھري ڊيگھه wavelength وڌيڪ ھجڻ سبب انھن جي توانائي گھٽ ٿيندي آھي پر ان ھوندي ھر گرم شيءِ انفراريڊ لھرن سان ڏسي سگھجي ٿي
اووَن ھجي يا انسان جي جسم جي گرمائش ھجي يا ڪنھن جسم جي گرمائش جو پتو لڳائڻو ھجي ته اھي جسم ڪا نه ڪا گرمي خارج ڪن ٿا انھن کي انفراريڊ لھرن سان ڏسي سگھجي ٿو .
انفراريڊ لهرن لھري ڊيگھه نظر ايندڙ روشنيءَ visible light کان وڌيڪ ويڪري هوندي آهي ۽ اهي خلا ۾ خلائي گئس cosmic gas ۽ خلائي مٽي cosmic dust جي گهڻ علائقن مان آساني سان گذري سگهن ٿيون، وڌيڪ لھري ڊيگھه ھجڻ سبب اھي ائٽم ان انفرا کي جذب ناھن ڪندا . اهڙي طرح، انفراريڊ توانائي ڪائنات ۾ شيون ظاهر ڪري سگهي ٿي جيڪي دوربين جي استعمال سان ڏسڻ واري روشني visible light ۾ ڏسي نٿيون سگهجن .
مثال کڻجي
توھان نئي پيدا ٿيل تاري ۱۰۰۰ ڪيلوِن درجه حرارت رکندڙ کي ڪھڙين روشنين ۾ ڏسڻ پسند ڪندا ؟
سوليوشن: لڳاتار روشني خارج ڪندڙ تاري جي وڌ کان وڌ لھري ڊيگھه ڪھڙي ٿي سگھي ٿي پھرين اھو ڏسجي ته پوءِ ان کي ڪھڙي روشني ۾ ڏسي ٻڌائڻ آسان ٿيندو .
جيئن ته اسان کي ويئَنس قانون wien’s law of displacement ٻڌائي ٿو ته
¥ = 0.0029/T
اتي ¥ wavelength کي ظاھر ڪري ٿو ۽ T ٽيمپريچر کي
ته پوءِ ان تاري جو ٽيمپريچر رکڻ سان خبر پوندي ته ميڪسيمم ڪيتري ويولينٿ ھوندي .
¥ = 0.0029/1000
¥ = 2.9×10-⁶ m
¥ = 2.9um
۽ اھا لھري ڊيگھه اسان جي انفراريڊ لھرن ۾ اچي ٿي ته پوءِ اسان ان کي انفراريڊ سان ڏسنداسين .
تنھنڪري جيمس ويب ٽيليسڪوپ ڪيترن ئي تارن جو مشاھدو انفراريڊ لھرن سان ڪري ٿي ان سان پري پري جي تارن جو پتو پئجي ويندو آھي جيتوڻيڪ وچ ۾ خلائي ڌوڙ مٽي ھجي .
پر اسان جي اک انفراريڊ لھرن کي ڏسي ناھي سگھندي اسان وزيبل لائٽ ڏسي سگھندا آھيون پر جيئن ٻلي ، نانگ ، ڪي جيت وغير اھي انفرا وزن رکندا آھن اھي انسان کي رات جو به آسانيءَ سان ڏسي سگھن ٿا ۽ اھي اسان کان وڌيڪ ۽ دور وارا تارا به ڏسي سگھن ٿا . (فيس بوڪ تان ورتل)