لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته اسان بي خوف پر ذميواري جي احساس واري ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون. جيستائين آئون ٽي 20 جو ڪپتان آهيان ائين  ئي کيڏندا رهنداسين” هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي انداز تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو ۽ هاڻ اهو ئي انداز هلندو، منهنجي خيال ۾ ڪرڪيٽ ۾ اڳتي وڌڻ جو اهو ئي طريقو آهي بالرن ۽ بيٽرن کي پريشر ۾ رکڻ جي ضرورت آهي نيوزيلينڊ ۾ ڪنڊشنز جي ڪري اسان ڪامياب نه ٿياسين پر بنگلاديش خلاف صورتحال تبديل هئي ۽ نتيجا به بدلجي ويا.