اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ ميمبرز گهٽ پگهار جي دانهن ڪئي، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته قانون ٺاهيندڙن جي پگهار صرف هڪ لک 60 هزار آهي، نادرا چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين ۽ آفيسرن جون پگهارون لکن ۾ آهن ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته سوال جي جواب ۾ نادرا آفيسرن جون پگهارون ڇو لڪايون ويون؟ جنهن تي وفاقي وزير، اعظم تارڙ چيو ته عوام ۾ غلط ڄاڻ پکڙيل آهي ته اسان جون وڏيون پگهارون آهن، 95 سيڪڙو وفاقي وزير پگھارون نه وٺي رهيا آهن. وفاقي وزيرن جي پگهار 2 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. وزيرن کي 1500 سي سي ڪار ۽ 400 ليٽر پيٽرول ڏنو پيو وڃي. بجلي ۽ گيس جا بل وزير پاڻ ادا ڪن ٿا، کين سرڪاري الائونس نه ٿو ڏنو وڃي. انهن کي سرڪاري مراعتون ناهن ڏنيون وينديون. پگهار وڌائڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته پارليمينٽرين پاڻ چوندا آهن ته معاشي تنگي آهي.گهرو وزارت چيو ته 2022ع ۾ نادرا 26 ڪروڙ رپين جون 35 گاڏيون خريد ڪيون جن ۾ 2 ڪوچون ۽ هڪ بس شامل آهي. سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته لگزري گاڏيون ڪنهن جي پِڪ اينڊ ڊراپ لاءِ آهن.