اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان غزا ۾ اسرائيلي فوج هٿان فلسطيني ٻارن جو هولو ڪاسٽ ڏسي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ ٻارن جي ڀلائي ۽ واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته معاشري جي سمورن طبقن جي به ذميواري آهي ته هو ٻارن جي حقن لاءِ سياست ڪن، هن وقت غزا جا ٻار منهنجي ذهن ۾ آهن، اسان غزا ۾ فلسطيني ٻارن جو هولو ڪاسٽ ڏسي رهيا آهيون، فلسطيني ٻارن جو هولو ڪاسٽ فوري طور بند ڪيو وڃي، اسان غزه جي ٻارن سامهون شرمند آهيون، جنگ ۾ پروفيشنل فوج ڪڏهن به هٿئين خالي شهرين ۽ ٻارن کي نشانو ناهي بڻائيندي، پر اسرائيلي فوج غزه ۾ ٻارن کي قتل ڪري رهي آهي، ٻارن جو قتل عالمي قانون ۽ انساني حقن جي شديد ڀڃڪڙي آهي، وزيراعظم چيو ته اسرائيلي رياست سمجهي ٿي ته هو فوج سبب تمام گهڻو سگهارا آهن پر پروفيشنل فوجون مقابلي جي سگهه رکندڙ فوجن سان وڙهنديون آهن هٿين خالي ٻارن جو قتل عام ناهن ڪنديون، وزيراعظم چيو ته غزا ۾ ٿيندڙ واقعن کي مذهب کان هٽي ڪري انساني حقن جي نظر سان ڏٺو وڃي، اسان غزا جي ٻارن آڏو شرمسار آهيون، فلسطين ۾ پيدا ٿيل صورتحال مستقبل جي تڪرارن جو اهم ڪارڻ بڻبي، غزا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي خلاف پاڪستان آواز اُٿاريندو رهندو.