اسان جي پٺتي رهڻ جا اندروني ڪارڻ

0
214
اسان جي پٺتي رهڻ جا اندروني ڪارڻ

قومن جي پٺتي رهڻ ۾ جتي خارجي ڪارڻ ذميوار هوندا آهن، اتي ان جا اندروني ڪارڻ پڻ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. سنڌ جي اڄوڪي صورتحال جو تجزيو ڪرڻ وقت اسان خارجي عنصرن تي ته ڳالهائيندا آهيون پر اندروني ڪارڻن تي گهٽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي. ان حقيقت کان به انڪار ناهي ته اندروني ڪارڻ به مڪمل طور اندروني ناهن هوندا ۽ انهن تي به خارجي ڪارڻن جو اثر هوندو آهي پر ساڳئي وقت اها به حقيقت آهي ته اندروني ڪارڻن کان اک ڦيرڻ ۽ انهن جو حل ڪڍڻ کان سواءِ آجپي جا رستا نه کلي سگهندا.

                 ورهاڱي کان اڳ سنڌين جي معاشي سـڃاڻپ ڪاروبار ۽ واپار هئي. سنڌي هندو انهن شعبن ۾ اڳڀرا هئا. جڏهن ته سنڌي مسلمان گهٽ تعليم ۽ سماجي پسماندگيءَ سبب گهڻو ڪري ٻني ٻاري ۽ چوپائي مال واري ٻهراڙي جي معيشت سان سلهاڙيل هئا. ورهاڱي کانپوءِ هندن جي لڏي وڃڻ سبب ٻاهريان ماڻهو سندن شعبن تي والار ڪري ويا ۽ باقي بچيل سنڌي مسلمان گهڻو ڪري ساڳي زرعي ڪرت سان ئي لڳل رهيا. اڳتي هلي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌين جو لاڙو گهڻو ڪري ننڍين وچولين سرڪاري نوڪرين ڏانهن رهيو. گهڻو ڪري ڳوٺ ۾ يا آس پاس ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ کي زندگيءَ جي وڏي حاصلات سمجهندا رهياسين. سرڪاري نوڪرين سبب به ٻهراڙين ۾ روزگار جو هڪ محدود پر نئون موقعو پيدا ٿيو. اڳتي هلي سرڪاري نوڪري سنڌ ۾ پارلياماني سياست جو اوزار بڻجي ويون.  هونئن ته سرڪاري نوڪريون ٻين صوبن ۾ به ماڻهو ڪن ٿا پر ان سان گڏ انهن قومن ۾ روزگار جا ٻيا ذريعا به عام آهن. ڏهاڪن تائين رڳو سرڪاري نوڪريءَ کي زندگيءَ جو محور بڻائڻ سبب هيٺيان نقصان ٿيا.

* سنڌي نوجوانن مان چٽا ڀيٽي، نواڻ، تجربا ڪرڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ جو رويو موڪلائي ويو. سرڪاري نوڪريءَ لاءِ انهن شين جي ضرورت ئي ناهي هوندي، تنهن ڪري هوريان هوريان سماج جي اجتماعي روين ۾ وقت گذرڻ ڪرڻ سان هڏ حرامي، وڏيرن ۽ ڪامورن جي تعبيداري ڪري شارٽ ڪٽ ۽ بنا محنت جي پئسو ٺاهڻ جا لاڙا پختا ٿي ويا.

* نوڪريءَ ۾ هڪ هنڌ رهي ورهين جا ورهيه گذارڻ سبب معمول تبديل نه ٿيڻ، نوان رشتا نه جوڙڻ، نوان ماڳ ۽ سماجي لاڙا نه ڏسڻ ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ ساڳيائپ رهڻ سبب سنڌي سماج اوسر بجاءِ گولائيءَ ۾ گهمڻ لڳو ۽ ايئن جمود جو شڪار ٿي ويو.

* سرڪاري نوڪريءَ جي خواهش سبب سنڌي نوجوان وڏيرن ۽ سندن واٺن جي چاپلوسيءَ جو کاڄ بڻجي ويو. اهڙي طرح ڪجهه ڏهاڪن کان هڪ ذهني غلاميءَ وارو نسل اسري رهيو آهي، جنهن سنڌي سماج ۾ وڏيرن، وڏيرن نما ننڍيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي سگهارو ڪري ڇڏيو آهي.

* سرڪاري نوڪريءَ ۾ ورهين تائين ساڳي قسم جو ڪم ڪندو رهڻ سبب سنڌين مان نئين سوچ ۽ مختلف ڌارائن جوڙڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿي وئي.

*سرڪاري نوڪرين سبب سنڌي نوجوان ٻاهر نڪري نئين دنيا ڏسڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جا معيار بدلائڻ کان محروم ٿي ويو، ڇو ته ان نوڪريءَ سندن چرپر کي محدود ڪري ڇڏيو.

* سرڪاري نوڪرين سبب اسان هنر ۽ ڪاروبار واري پاسي کان ڌيان ڇڏي ڏنو. مارڪيٽ ۾ موجود صنعت ۽ خانگي شعبي جي ٻين روزگارن کان ڏهاڪن تائين ڪٽيل رهڻ سبب سنڌ جي سڀ کان وڏي صنعتي مرڪز ڪراچيءَ ۾ ٻاهرين صوبن جا ماڻهو لکن جي انگ ۾ والار ڪري ويا. صنعتڪار ۽ سيڙپڪار کي پنهنجي صنعت ۽ ڪاروبار هلائڻ لاءِ هنرمند ورڪر گهربل هئا، تنهن ڪري هنن ٻاهرين ملڪن کي اهي موقعا ڏنا. ايئن ڪراچيءَ جا صنعتي ۽ ڪاروباري علائقا ٻاهرين ماڻهن جي هٿن ۾ هليا ويا ۽ اسان رڳو خواهشون، مطالبا ۽ مذمتون ڪندا رهياسين.

* سنڌي گهڻي ڀاڱي جيئن ته زراعت ۽ نوڪريءَ جي آمدنيءَ تي گذارو ڪندڙ هئا، تنهن ڪري معيشت ۾ سندن ڪردار واهپيدارو وارو بڻجي ويو. صنعت ۽ ڪاروباري پيداوار ٻاهرين ماڻهن وٽ رهيا ۽ سنڌي سندن مصنوعات ۽ هنرن جا واهپيدار بڻيل رهيا. ايئن سنڌين جي خريداريءَ سان ٻاهرين ماڻهن جي صنعت ۽ ڪاروبار جو چرخو هلندو رهيو. ڪيترن ڏهاڪن کان ان معاشي بيهڪ سبب سنڌي خريدار ۽ ٻاهريان ماڻهو ڪمائيندڙ بڻيل رهيا. معيشت ۾ رڳو واهپيدار/خريدار رهڻ وارو گروهه پٺتي ئي رهندو، جيستائين اهو پيداوار ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ واري ڪردار ۾ نه ٿو اچي.

انهن سڀني ڳالهين جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪا سرڪاري نوڪري خراب شئي آهي ۽ اها نه ڪرڻ گهرجي. درحقيقت مسئلو رڳو هڪ شعبي تائين پاڻ کي محدود رکڻ سبب ٿيو آهي. ٻيو ته اها سرڪاري نوڪري به ايمانداري ۽ جفاڪشيءَ سان ڪرڻ بجاءِ ان کي رڳو پگهار وٺڻ تائين محدود رکجي ته ان جا نتيجا اهڙا ئي نڪرندا جهڙا سنڌ ۾ ڏسجن پيا. 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ سنڌ جي اهم انتظامي عهندن توڙي عوامي خدمتن وارين ڪرسين تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌي ئي ويٺل آهن، پر سنڌ هر شعبي ۾ پٺتي پيل آهي. تعليم، صحت، پيئڻ جو پاڻي، روڊ رستا، شهرن جو انتظام، صفائي سٿرائي، گندي پاڻي ۽ ڪچري جي نيڪال جو نظام وغيره گهڻي ڀاڱي سنڌي وزيرن، ڪامورن ۽ عملدارن وٽ آهي، پر انهن مان ڪو به شعبو سڌي حالت ۾ ناهي. پاليسيون، فنڊ ۽ اختيار گهڻي ڀاڱي سنڌين جي هٿن ۾ رهڻ جي باوجود سنڌ جي حالت نه ٿي سڌري ته رڳو ٻاهرين عنصرن تي الزام هڻي پاڻ کي آجو نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي سياستدا، عوامي اڳواڻ ۽ ڪامورا پنهنجي حصي طور سنڌ جي صورتحال لاءِ ذميوار آهن. اسڪول، يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ ميونسپل ادارا برباد ڪرڻ ۾ اسان جا پنهنجا هٿ به شامل آهن. سنڌ جا شهر رڳو ٻاهرين ماڻهن قبضي ۾ نه آندا آهن، اسان پاڻ شهري معيشت کان ڪٽيل رهي اهو ميدان خالي ڇڏيو، جنهن سبب اهي شهر اسان جي هٿن مان نڪري ويا.

اسان اهو چئي به جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهون ته سڄو نظام خراب آهي، ڇا ٿو ڪري سگهجي. ان ئي خراب نظام اندر ڪن ماڻهن پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداريءَ سان ڪيو ته هنن جي ڪم جو فرق به سڀني کي نظر اچي ٿو. برابر نظام خراب آهي ۽ ان ۾ مڪمل طور سٺو ٿي سڀ ڪم مرضيءَ سان به نه ٿا ڪري سگهجن پر ان ئي حالت ۾ ڪي استاد اسڪول سنوارن ٿا، ڪي ڊاڪٽر عوام جو علاج ڪن ٿا ۽ ڪي ڪامورا پنهنجن علائقي ۽ کاتي اندر نسبتي طور تي بهتر خدمت سرانجام ڏين ٿا.

ٻاهرين طاقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جو اندروني نظام مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. سنڌ واسين ۽ سنڌ جي سياسي تنظيمن جي قيادت کي انهن پاسن ڏانهن سوچڻ ۽ حڪمت عمليون جوڙڻ گهرجن.