راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت هن خطي، خاص طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان جي حڪومت پاڻي معاملي تي ڀارت کي واضح چئي چڪي آهي، فوج پاران وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي. پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کي سمجهڻ لاءِ ان جو پس منظر ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي، ڀارت هن خطي، خاص طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جو اصل سرپرست آهي، ڀلي اهي خارجي هجن يا بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروهه. هن چيو ته ڀارت پاڻي روڪيو ته اسان جي جواب نتيجو صدين تائين محسوس ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪو چريو ئي هوندو جيڪو 24 ڪروڙ پاڪستانين جو پاڻي روڪڻ جي ڳالهه ڪندو. ڀارت ايئن ڪرڻ جي همت نٿو ڪري سگهي. اميد ڪيون ٿا ته اهڙو وقت نه ايندو پر جيڪڏهن آيو ته دنيا اسان جا قدم ڏسندي. ڀارت حقيقتون لڪائڻ لاءِ ڪوڙن بيانن جي پٺيان لڪي رهيو آهي،  پهلگام واقعي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻن ڏينهن کانپوءِ پاڻ تسليم ڪيو ته جاچ اڃا جاري آهي، جاچ ۽ ثبوتن کان سواءِ الزام لڳائڻ ڪٿان جي سمجهداري آهي؟ هن چيو ته اسين پنهنجي ڪيل واعدن جي مڪمل پاسداري ڪريون ٿا. اسين سياسي حڪومت جي هدايتن تي مڪمل عمل ڪندا آهيون. پاڪستاني فوج طران اها جنگبندي برقرار رهندي، ڌرين وچ ۾ رابطن ۾ اعتماد سازي لاءِ قدم  کنيا ويا آهن. پاڪستان چيو ته جيڪڏهن ثبوت آهن ته اهي ڪنهن اڻ ڌرئي اداري حوالي ڪيو، اسان سهڪار لاءِ تيار آهيون پر ڀارت ان منطقي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، ڀارت هڪ طرفو قدم کڻندي اسان جي مسجدن تي ميزائل فائر ڪيا، ڀارت اسان جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي شهيد ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪڏهن جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته اسان جو جواب هميشه هوندو ۽ موقعي تي هوندو. جواب صرف انهن ئي چوڪين ۽ جاين تي ڏينداسين جتان جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آئون تصديق ڪري سگهان ٿو ته ڀارت جون تباهه ٿيندڙ ڇهون جھاز ميراج 2000 آهي. اسان صرف جھازن کي نشانو بڻايو. وڌيڪ ڪارروائي ڪري ٿي سگهياسين، پر اسان ضبط جو مظاهرو ڪيو.  هن چيو ته پاڪ فوج تي ملڪ جي خودمختياري ۽ سرحدن جي حفاظت جي مقدس ذميواري آهي، جيڪا اسان پوري ڪئي ۽ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين، پاڪستان ڀارت کي ترت، سخت ۽ اثرائتو جواب ڏنو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دشمن اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ حملا ڪيا پر ڀارت وساري ويٺو هو ته پاڪستاني قوم ۽ فوج نه ته ڪڏهن جهڪي آهي، نه ئي جهڪائي سگهجي ٿي. هن چيو ته 10 مئي جي صبح اسان جواب ڏنو، اسان ذميواري ۽ احتياط سان رڳو انهن جي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، ڪنهن به شهري ملڪيت کي نقصان نه پهچايو، اهو هڪ مناسب، منصفاڻو ۽ متوازن جواب هو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان پاڻ اچي جنگبندي جي اپيل ڪئي، اسان امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون ته پوءِ اسان چيو ته ڇو نه؟ اسان پرتشدد نه پر سنجيده قوم آهيون، اسان جي پهرين ترجيح امن آهي ۽ آمريڪا جهڙيون وڏيون ۽ سمجهدار طاقتون چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿيون ته پاڪستاني قوم جو جذبو ڇا آهي. ڀارت پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ميزائل فائر ڪيا، هن پنهنجي پنجاب تي ميزائل حملا ڪيا آهن.  فوجي ترجمان وڌيڪ چيو ته  ڀارت جي ڪشمير پاليسي، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڪشمير کي اندروني معاملو بڻائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي. جيستائين ڀارت ڳالهيون نٿو ڪري ٻئي ملڪ مسئلن جو حل نٿا ڪڍن، تيستائين تڪرار ۽ باهه ڀڙڇڪڻ جو خطرو موجود رهندو.