لاهور (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي نظر ۾ عمران نااهل ٿي چڪو، حڪومت اسان جي ايندي. موجوده حالتن ۾ اليڪشن مسئلو ناهي، ڏسڻو آهي ته ملڪ کي ڪيئن ٿو بچائي سگھجي معيشت اليڪشن کان وڏو مسئلو آهي، عام چونڊن لاءِ ته اسين هر وقت تيار آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسين هر وقت اليڪشن لاءِ تيار آهيون. ڌانڌلي جي پيداوار شخص ٻيهر واپس نه ايندو. سڄي قوم نواز شريف جي آجيان ڪرڻ چاهي ٿي. هن ڀيري اسان جي حڪومت ٺهندي. سندس وڌيڪ چوڻ هوته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي، اسان 2018ع جي اليڪشن خلاف تحريڪ هلائي، هر وقت اليڪشن جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا ڪيس عدالتن ۾ آهن. موجوده حالتن ۾ اليڪشن مسئلو ناهي، ڏسڻو آهي ته ملڪ کي ڪيئن ٿو بچائي سگھجي. معيشت تباهه هجي ته ملڪ پاڻ ويهي ويندا آهن. هن چيو ته نگران حڪومت کي ڪجهه نٿو سمجهان، نگران حڪومت ۾ اصل حڪومت ڪنهن ٻئي نگران جي آهي، فضل الرحمان چيو ته اسان جي نظر ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اڳ ئي نااهل آهي، عدالتون فيصلو ڏين ته مهر لڳي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس ڪمن نااهل ڪيو، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اچڻ جو ٻڌي ڪو به دوست ملڪ مدد لاءِ نه ايندو.