اسان جي زمين تي ڏينھن رات جو چڪر ۽ موسمن جو حساب ڪتاب…

0
51

توھان غور ڪيو ھوندو ته سال ۾ ٻه دفعا ائين ٿيندو جو جڏھن ڏينھن ۽ رات جو دورانيو بلڪل برابر ٿي ويندو آھي يا آسان لفظن ۾ ته ڏينھن ۽ رات برابر ٿي ويندا آھن. زمين جي سج چوڌاري گهمڻ دوران ڌرتي جي انھن مقامن يا جڳھين کي اعتدالين (Equinoxes) چيو ويندو آھي انھن مان ھڪ کي اعتدال ربيعي ( Vernal Equinox ) ۽ ٻئي کي اعتدال خريفي ( Autumnal Equinox ) چيو ويندو آھي. ھي ٻئي بالترتيب 20 مارچ ۽ 22 سيپٽمبر تي ٿيندا آھن يا انھن ڏينھن ۾ ڏينهن ۽ رات برابر ٿي ويندا آھن. ان جي علاوه سال ۾ ھڪ دفعو ( 20 جون ) اھڙو ڏينهن ھوندو آھي جڏھن ڏينھن جو دورانيو طويل ترين ھوندو آھي. مطلب 20 جون تي سال جو وڏي ۾ وڏو ڏينھن ھوندو آھي. ان کي انقلاب گرما ( Summer Solstice ) سڏيو ويندو آهي. جڏھن ته 21 ڊسمبر تي وري سال جي وڏي ۾ وڏي رات ھوندي آھي جيڪا انقلاب سرما ( Winter solstice) سڏي ويندي آهي ۽ انھن ٻنھي وڏي ۾ وڏي ڏينھن ۽ وڏي ۾ وڏي رات کي گڏيل طور انقلابين ( Solstices) چيو ويندو آهي.  مٿي ڏنل معلومات زمين زمين جي اتر اڌ گول Northern hemisphere جي آھي جڏھن ته ڏاکڻي اڌ Southern hemisphere جو معاملو بلڪل ابتو آھي. يعني جڏهن اتر اڌ گول ۾ ڏينھن وڏو ھوندو آھي ته ڏکڻ اڌ گول ۾ راتيون وڏيون ھونديون آھن. ساڳي طرح جڏھن زمين جي اتر اڌ گول ۾ راتيون وڏيون ھونديون آھن ته ڏکڻ جي اڌ گول ۾ وري ڏينھن وڏا ٿي ويندا آھن. اھو ئي موسم جي تبديلي جو سبب بڻجن ٿا. واضح رهي ته خط استوا Equator  کان مٿي (اتر ) جو حصو اتر گول جو اڌ ۽ ھيٺيون (ڏکڻ)  جو حصو ڏکڻ اڌ گول سان سڃاتو ويندو آھي. توھان سوچيندا ھوندا ته ھڪ ئي زمين سج کان ساڳيو فاصلو ھئڻ باوجود زمين جي اڌ گول ۾ موسم ۽ ڏينهن رات جي دورانئي ۾ تبديلي ڇو آھي ته ان جي وجه اھا آھي ته زمين پنھجي محور ۾ 23.4 ڊگري جھڪيل آھي. ان جھڪيل ھئڻ جي ڪري زمين جي مختلف علائقن ۾ سج جي روشني وڌيڪ دير تائين موجود ھوندي آھي جڏھن ان جي مخالف حصن ۾ وري روشني جو دورانيو يا وقت گھٽ ھوندو آھي. ان ئي روشني جي وجه سان ڏينهن رات ۽ بالا آخر موسم وجود ۾ ايندا آهن.

(محمد اسلم جي پوسٽ)