غزه / تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي فوج طرفان فلسطينين مٿان ظلمن جو سلسلو جاري آهن، 24 ڪلاڪن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 100 ڄڻا مارجي ويا، عرب ميڊيا موجب غزه سٽي جي علائقي تفاح ۾ اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾ 4 ٻار به شامل آهن. غزه سٽي ۽ اترين علائقن ۾ ٿيندڙ حملن ۾ وڌيڪ 23 فلسطيني مارجي ويا. ڏاکڻين شهر رفح ۾ امدادي مرڪز ويجهو اسرائيلي فائرنگ سان 6 ماڻهو شهيد ٿيا، خان يونس جي اتر ۾ ڳوٺ القراعه تي اسرائيلي گولاباري ۾ 4 ماڻهو شهيد ٿيا. اسرائيلي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته غزه ۾ امدادي مرڪزن تي امداد لاءِ ايندڙن مٿان ڄاڻي واڻي اسرائيلي فوج فائرنگ ڪندي آهي، رپورٽ موجب فوجين جو چوڻ آهي ته ڪمانڊرن کي حڪم ڏنو ويندو آهي ته هجوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ انهن مٿان گوليون وسايون، چاهي اهي امداد وٺندڙ ئي ڇو نه هجن، هڪ فوجي ٻڌايو ته غزه هڪ قتل گاهه آهي جتي آئون مقرر هيس اتي ڏهاڙي 5 کان 10 فلسطيني ماريا ويندا هئا. انهن کي دشمن سمجهي ماريو ويندو هو، هن چيو ته فوج وٽ هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اوزار نه صرف گوليون، وڏيون مشينون، مارٽر گولا ۽ گرنيڊ هوندا آهن جيئين امدادي مرڪز کلندا آهن، فائرنگ بند ٿي ويندي آهي اتي اسان جي زبان صرف گولي آهي. ڪڏهن اسان پري کان ته ڪڏهن ويجهي کان حملا ڪندا آهيون. هڪ ريزرو فوجي اسرائيلي اخبار کي ٻڌايو ته غزه هاڻي ڪنهن جي به دلچسپي جو مرڪز ناهي رهيو هي هڪ اهڙي جڳهه بڻجي چڪو آهي جتي انساني حياتي جي ڪا به قيمت ناهي.