اسان جي تاريخ … مير الطاف حسين ٽالپر

0
189
اسان جي تاريخ ... مير الطاف حسين ٽالپر

 پراڻي زماني کان وٺي تاريخ ۾ وڌاءُ ڪرڻ جو رواج هر جاءِ تي رهيو آهي.. پر ايڪيهين صديءَ ۾ گهڻين ئي قومن ۽ فردن حقيقت پسندي طرف به لاڙو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪجھه سال اڳ يوٽيوب تي هڪ ڊاڪيومينٽري پئي ڏٺم جيڪا حضرت سليمان نبي سڳوري جي محلات ۽ خزانن جي باري ۾ هئي. حضرت سليمان نبي  عليه السلام جي باري ۾ سڀئي مذهبي ڪتاب چون ٿا ته وڏن محلن ۽ خزانن  جو مالڪ هو. سالن جي جفاڪشي کان پوءِ يهودي ماهرين آثارِ قديم جڏهن ان جڳھه جي نشاندهي ڪري کوٽائي شروع ڪئي ته نتيجا انهن جي اميدن جي بلڪل برعڪس ظاهر ٿيا. وڏن محلاتن بجاءِ مختصر سادي سودي پٿر جي عمارت ظاهر ٿي. يهودي ماهر ان ڊاڪيومينٽري ۾ خود تسليم ڪري رهيا هئا ته حضرت سليمان عليه السلام بابت اسان جي مذهبي لٽريچر ۾ وڌاءُ ٿيل آهي.

                         ساڳي حالت اسانجي سنڌ جي تاريخ سان به ٿيل آهي پر اسان اڃان تائين به حقيقت پسندي کان ڪوهين پري بيٺل آهيون. ھن دور ۾ به اسان جيڪڏھن پنھنجين دعوائن کي سگھارن دليلن ۽ انگن اکرن سان پيش نٿا ڪري سگھون ته پنھنجو ئي نقصان پيا ڪريون. ان لاءِ ماضي جي لکيڪن کي قصور وار قرار ڏيڻ به بيوقوفي ٿيندي، انھن جي دور ۾ معلومات جا ذريعا اڄ جي ڀيٽ ۾ محدود ۽ ناقص ھئا. ڪتابن ۽ دستاويزن تائين پھچ آسان ڪونه ھئي. ھن دور ۾ ٽيڪنالاجي تمام گھڻيون آسانيون پيدا ڪيون آھن. انھن سھولتن مان فائدو تڏھن پوندو جڏھن اسان ماضي جي سحر مان نڪري تحقيق جو رستو اختيار ڪنداسين. (فيس بوڪ تان ورتل)