لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ پير محمد علي جان مجددي ۽ ٻين لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان واحد جماعت آهي جنهن پنهنجا پارٽي اثاثا اليڪشن ڪميشن ۾  جمع ڪرايا ۽ بعد ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پڻ سمورن آئيني ۽ قانوني قاعدن موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪليئر قرار ڏنو، آئين پاڪستان مطابق اسان انتخابي عمل ۾ حصو وٺي سگهون ٿا، عوام جي نمائندگي ڪري ادارن ۾ عوام جي آواز پهچائي سگهون ٿا. هنن چيو ته پ پ  تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پليٽ فارم تان بيهندڙ اميدوارن جي خلاف جبري ڏاڍ تي لهي پئي آهي، اميدوارن کي زبردستي طاقت جي زور تي هٿ کڻايو پيو وڃي، هنن مطالبوڪيو ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.