حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق، خالد سلطان، ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، سيد شاڪر علي، ارشد حسن ۽ محمد طلحه حيدرآباد ڊسٽرڪٽ آفيس ۾ سنڌ جي تنظيمي ڪميٽي ۽ ضلعي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف اتحاد پ پ چيئرمين ۽ جيالن کي بوکلاهٽ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ڪالهه تائين اليڪشن 2024ع تي تنقيد ڪندڙ ۽ پنهنجي مخالفن تي اليڪشن ڪميشن جي جانبداري جو الزام هڻندڙن سان گڏوگڏ هاڻ صاف شفاف چونڊون ٿيندي بزرگ سياستدان کي به نظر اچي رهيون آهن. يقينن هي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد ٿي ويو آهي ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ اسين شاندار ڪاميابي حاصل ڪنداسين. هنن چيو ته ووٽ جي طاقت سان سنڌ ڌرتي جي باشعور عوام 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي جي ڪرپشن زده سياست کي شڪست ڏيندي. ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت اربن سنڌ کي لٽيندڙ تمام جلد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندا.