اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اڄ ڪي پي اسيمبلي اجلاس جي خطاب ۾ ٻڌائيندس، بشريٰ بي بي سان اختلاف نه آهن: ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بشريٰ بي بي سان اختلافن جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجي ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن، اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان مقصد پي ٽي آءِ باني جي آزادي آهي، اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي، سڀ ڪجهه اڄ ڪي پي اسيمبلي اجلاس جي خطاب ۾ ٻڌائيندس.