اسان جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟ خواجا اظهار جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ميار

0
101
اسان جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟

ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار وڏي وزير مراد علي شاهه کي ميار ڏني آهي ته وڏي وزير پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو سنڌ سان اڳوڻي حڪومت جي زيادتين جو ازالو ڪندو

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجه اظهار چيو ته وڏي وزير کان اسان جو ذڪر ڪرڻ وسري ويو، اسان جي 7 ووٽن تي اڳوڻي حڪومت بيٺل هئي

هن چيو ته اسان ڪراچي جي وسيع مفاد ۾ وڏي رسڪ کڻي اڳوڻي حڪومت جي حمايت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

سنڌ جي عوام تي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اڻ سڌا ٽيڪس مڙهيا ويا آهن، بجيٽ ۾ رڳو ارڙهين گريڊ ۽ ان کان مٿي جي آفيسرز کي رليف ڏنو ويو آهي

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊ: 14 ضلعي ڪائونسلز، 4 ميونسپل ڪارپوريشن، 108 ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز تي پ پ ڪامياب