نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره سنٿيا نڪسن فلسطين جي مظلوم عوام جي حق ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آواز اٿاريندي آمريڪي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪئي وڃي، اداڪاره پنهنجي تازي انسٽاگرام پوسٽ ۾ غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن تي سخت ڏک جو اظهار ڪيو، 58 سالن جي اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام تي لکيو “غزه ۾ اسرائيل جي ساڄي هٿ جي حڪومت جي هٿان قتل ٿيندڙن ۾ 44 سيڪڙو ٻار ۽ کير پياڪ آهن، جيڪو گڏيل قومن جي هڪ گهري تجزيي ۾ ظاهر ٿيو آهي، پنهنجي آمريڪي سينيٽر کان رابطو ڪريو ۽ انهن کي چئو ته اهي اسرائيل کي هٿيار اماڻڻ بند ڪن، جيڪي معصوم شهرين جي قتل لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، اها آمريڪي ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.” هن پنهنجي فالورز کي ياد ڏياريو ته اربع ڏهاڙي سينيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ لاءِ ووٽنگ ڪئي، هن اپيل ڪئي “پنهنجي سينيٽر کي چئو ته اسان جي ٽيڪس جا پيسا زندگين کي بچائڻ لاءِ استعمال ٿين، قتل ڪرڻ لاءِ نه.”.