هڪ پاسي اسڪول ويندڙ ٻارن لاءِ درسي ڪتاب ڳوليا ڪونه ٿا ملن ته ٻئي پاسي اسان جي ادارن جو هي حال آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ وڏو سواليا نشان بڻجي ويا آهن. ملڪ جي مشهور تعليمي ماهرن جي بقول: “اڄڪلهه تعليمي عملدارن جي پاران سکڻ وارن لاڀن (آئوٽ ڪمز) جي باري ۾ تمام گهڻي خام خيالي ۽ پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ وارو منظر نظر اچي رهيو آهي.” يعني هو چون ٿا ته “سوچ ۽ ويچار”، “تعليمي ۽ علمي مواد کي آزادي سان استعمال ڪرڻ ۽ ان جي پرک ڪرڻ”، “تنقيد ڪرڻ ۽ راءِ پيش ڪرڻ”، “ڇيد ڪرڻ ۽ حل پيش ڪرڻ” “تخليقي صلاحيتن” ۽ “سوال ڪرڻ” جهڙن لفظن تي اسان جي ملڪ ۾ اڄ به پابندي آهي.” اسان جا ماهر اڃان به اڳتي وڌي هي چون ٿا ته “مقرر مدي (ٽرمينل) وارن امتحانن ۾ ايندڙ سوالن کي منظور ٿيل صرف هڪ درسي ڪتاب مان کنيو وڃي ٿو. مثال طور هڪجهڙي قومي نصاب (سنگل ڪريڪيولم) واري واحد درسي ڪتاب جي بابن جي آخر ۾ ڏنل سوالن جوابن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ سواءِ ساڳي متن کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي اهي درسي ڪتاب ٻي ڪابه اضافي معلومات مهيا نٿا ڪن.” مطلب هي ته اسان جا اسڪول ۽ استاد خاص طور تي خانگي اسڪولن جي انتظاميا ۽ انهن اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن جي کيپ جيڪا ٻارن کي هن قسم جي امتحانن جي لاءِ تياري ڪرائي ٿي اها ٻارن کي مضموني درسي ڪتابن جي هڪ مخصوص حصي کي ياد ڪرڻ تي گهڻو زور ڏئي ٿي. درسي ڪتابن جا حصا جيڪي ٻارن کي ايڪسرسائيزز (مشقن) کي ٽِڪ ڪرائڻ يا سيليبس (مقرر پر محدود تياري وارو مواد) جي شڪل ۾ ڏنا وڃن ٿا. غور ۽ فڪر ڪيو وڃي ته اهي اسان جي ٻارن جي تعليمي سگهه ۾ ڪهڙو اضافو ڪري رهيا آهن.
ملڪ جي تعليمي پاليسين، آزاد علمي مواد ۽ تعليمي ماهرن جي ڳالهين کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان جيڪو ڪجهه اسان کي معلوم ٿئي ٿو اهو هي ته ملڪ جي شروع وارن ڏهاڪن ۾ ائين بلڪل به ڪونه هو. تعليمي پاليسي ساز طور مڃيل ۽ مشهور تعليمي ماهر ڊاڪٽر ايَ ايڇ نيئر پنهنجي ذاتي تجربي جي حوالي سان ڳالهه ڪندي چئي ٿو ته، “هي 1950ع جي آخر ۽ 1960ع جي شروع وارن سالن جو قصو آهي، جڏهن هڪ مضمون کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي لاءِ ڪو هڪ درسي ڪتاب مقرر ڪونه هوندو هو. ان جي بدلي ليکڪن کي دعوت ڏني ويندي هئي ته جيئن اهي قومي نصاب جي گهرجن جي مطابق درسي ڪتاب لکن. اهڙي طرح سان تعليمي بورڊ به ڪتابن جي مجموعي مان صرف انهن ڪتابن جي منظوري ڏيندا هئا، جيڪي سندن جي نصابن جي گهرجن تي پورو لهندا هئا. هر الڳ مضمون جي تياري جي لاءِ ڪيترائي درسي ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب هوندا هئا ۽ انهن دستياب درسي ڪتابن مان هڪ يا ٻن ڪتابن کي اسڪولن پاران آزاداڻي نموني سان ٻارن کي کڻڻ جي لاءِ سفارشون ڪيون وينديون هيون. اهڙي طرح سان بورڊن جا امتحان ڪنهن هڪ درسي ڪتاب جي متن تي مشتمل ڪونه هوندا هئا پر امتحان ٻارن جي ذهني آزمائشون وٺڻ سان گڏ انهن جي صلاحتين ۽ قابليتن جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ پڻ ڪندا هئا”.
ڊاڪٽر صاحب مٿي بيان ڪيل پنهنجي ڳالهه جي ثابتي طور چئي ٿو ته، “افسوس! هي سڄو وايو منڊل شريف ڪميشن رپورٽ – 1959 (قومي تعليمي ڪميشن- 1959)” کانپوءِ مٽجي ويو. جنهن هي موقف پيش ڪيو هو ته درسي ڪتابن جي تياري هڪ ڏکيو ۽ ڳوڙهو ڪم آهي، جنهن کي ڪنهن انفرادي ليکڪ جي ذميداري تي نٿو ڇڏي سگهجي. انهيءَ ڪم جي لاءِ هڪ خاص اداري کي قائم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح هن رپورٽ اسڪولي درسي ڪتابن جي تياري جي لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊن کي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ زور ڏيندي هي ڳالهه پڻ ڪئي ته بورڊن پاران تيار ٿيندڙ ۽ منظوري جي عمل مان گذرندڙ درسي ڪتاب ڪنهن به صوبي اندر (اهي ئي) واحد درسي ڪتاب هجڻ گهرجن، جن کي اهي صوبا استعمال ۾ آڻي سگهن. پهرين مرحلي ۾ “ايسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ” ۽ “ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ” قائم ڪيا ويا. 1970ع ۾، ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ، بحال ٿيندڙ هر هڪ صوبي پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ قائم ڪري ورتا”.
معلوم ٿئي ٿو اسان وٽ امتحان، امتحاني سرشتا ۽ امتحاني پاليسيون بورڊ سربراهن جي خواهشن آڌار ترتيب ڏنا ۽ ڏنيون وڃن ٿيون. دنيا جي مڃيل تعليمي سرشتن جي ڪاميابين جي پويان انهن ملڪن جي بورڊن جي سربراهن جي علمي سگهه، علمي تجربا يا غلطين مان پرايل سبق هوندا آهن پر اسان وٽ ائين ناهي. اسان وٽ ون مين شو (عقلِ ڪل هڪ شخص ئي هوندو آهي) وارو ماحول گذريل ڇاهتر سالن کان جيئن جو تيئن برقرار آهي. سو جائزو هي وٺڻو آهي ته اسان وٽ امتحاني سرشتا ڪيئن ڪم ڪن ٿا يا انهن کي ڪيئن تيار ڪيو وڃي ٿو. هتي به ڊاڪٽر اي ايڇ نيئر اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. هو چئي ٿو ته، “نالي ماتر علمي ۽ تعليمي ماهر جيڪي بورڊن جي امتحاني سرشتن جي جوڙ جڪ ۽ ترتيب ڪاري ڪن ٿا،
انهن کي صرف هي چيو ويندو آهي ته اهي صرف ان درسي ڪتاب مان سوال تيار ڪن، جيڪو هنن کي هٿ ۾ پڪڙايو ويو آهي. ايتري تائين جو ضابطهء اخلاق جي هڪ حصي جي طور تي به هنن کي هي به ٻڌائڻو پوندو آهي ته ڪهڙي صفحي ۽ ڪهڙي عبارت (پيراگراف) مان سوالن کي کڻڻو ۽ تيار ڪرڻو آهي. سڀ کان پهرين مونکي به هن حقيقت جي باري ۾ تڏهن خبر پئي جڏهن مان لاهور ۾، پنجاب جي تعليمي کاتي جي عملدارن سان گڏ هڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيس. هڪ ٻئي ساٿي، جيڪو پڻ امتحاني سرشتي جي تياري ۽ مارڪن جي حوالي سان مونسان سهمت ٿي رهيو هو، چيو ته سوالن جي جوابن کي به ان مخصوص (گهربل) متن مان ئي تيار ڪرڻ مجبوري آهي، پوءِ جوابن ۾ معمولي فرق ئي ڇونه هجي. جيڪڏهن اسان ائين نه ڪنداسين ته ٻارن کي مارڪون ڪونه ڏنيون وينديون. اهڙي طرح ٻين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ سان به منهنجين ڳالهين جي ڪيترائي ڀيرا تصديق ٿيندي رهي.” اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان وٽ امتحاني سرشتا ڪيئن تيار ٿين ٿا ۽ ڪيئن ڪم ڪن ٿا. هن قسم جي سرشتن امتحاني ماحول کي بري طرح سان ڳچ سال اڳ صرف متاثر ڪيو هو پر متاثر ڪرڻ واري ان خرابي تي جڏهن ڪو ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ڪم نه ڪيو ويو ته ان سرشتي امتحاني ماحول کي هاڻي بري طرح سان بگاڙي ڇڏيو آهي. اهو بگاڙ اسان جي ضابطي مان ٻاهر نڪري ويو آهي ۽ اسان تي چٿرون ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو فارميٽوِ (ترتيبي) ۽ سميٽوِ (ڪُلي) آزمائشن وارن سوالن جي جوابن کي به هاڻي صرف گهربل درسي ڪتابن تائين محدود ڪيو ويو آهي.