حيدرآباد/سڪرنڊ (رپورٽ: منير راڄڙ/نياز چانڊيو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري چيو آهي ته اسان جا سياسي اتحادي ۽ سياسي پارٽيون ڊڄي چونڊن کان ڀڄي رهيون آهن، اسان جي پارٽي ايندڙ چونڊون پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي جي منشور جي بنياد تي وڙهندي. اسان ملڪ جي عوام تي اعتماد ڪريون ٿا. پ پ ماڻهن کي ڪڏهن مايوس نه ڪندي. اسان ماضي ۾ به اليڪشن وڙهندا رهيا آهيون ۽ هاڻي به اليڪشن کان ڀڄڻ وارا نه آهيون. سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي دوري جي موقعي تي حسين آباد ۾ 6 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي واري فلٽر پلانٽ جي افتتاح بعد سروري گرائونڊ تي ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي. هي پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ ڪارڪنن جا لاش کڻي اليڪشن وڙهي آهي. اسين ماضي ۾ به اليڪشن وڙهندا رهيا آهيون ۽ ڪڏهن به اليڪشن کان ڀڄندا نه آهيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جيڪا سياست ڪئي، اها ”جيڪي ڊڄي ويا سي مري ويا“ واري سياست هئي پر پ پ ڪڏهن به خوف جو شڪار نه ٿي آهي. مڪاني چونڊن ۾ مون ايم ڪيو ايم کي منٿون ڪيون ته اليڪشن وڙهو. فيصلو عوام ڪندو ته ڪير ڊڄي ويو ۽ ڪير ميدان تي بيٺو آهي پر هو اليڪشن ۾ نه بيٺا. ميئر ته ڇا پر هو حيدرآباد جا 2 ٽائون به پي ٽي آءِ کان بچائي نه سگهيا. هن چيو ته اسان جا سياسي اتحادي ڊڄي ويا يا خوف ۾ اچي ويا آهن. عام چونڊن ۾ ميدان تي آهيون. پ پ جي تربيت ۾ ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ نه آهي. اسين حيدرآباد وانگر سڄي پاڪستان ۾ بنا خوف ۽ نفرت واري سياست تي يقين رکون ٿا. باقي صوبن کي ورهائڻ جي نفرت پکيڙڻ، جناح هائوس تي حملا ۽ جي ايچ ڪيو تي حملا ڪندڙن واري سياست پ پ جا جيالا نٿا ڪري سگهن. اسين مقابلي لاءِ تيار آهيون. اسين سي پي او، ڊي آءِ جي يا ايس ايس پي جي طاقت تي نه پر عوام جي طاقت تي چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين ۽ مخالفن جو ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏينداسين. هن چيو ته عام چونڊن ۾ ملتان وانگر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سياسي يتيم ۽ ڪٺ پتلي سياستدانن جو صفايو ڪري ڇڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ خلاف ڪردار ڪشي جي مهم ٽن نسلن کان هلندي اچي. اسان کي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻو آهي. آئون کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مفت اسپتال سنڌ ۾ ٺهيون ته اهي اسان ٺاهيون جيڪي برابري جي بنياد تي هلنديون. عمران خان کي چيلهه ۾ سور پوي ٿو ته تڏهن به پنهنجي اسپتال بدران ملڪ کان ٻاهر علاج ڪرائڻ وڃي ٿو. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون اسپتالون سنڌ جي هر ضلعي ۾ قائم ڪنداسين ۽ جيڪڏهن موقعو مليو ته پاڪستان جي هر ضلعي ۾ قائم ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن ماڻهن کي مفت علاج ملي سگهي. هن پارٽي ڪارڪنن کان مخاطب ٿيندي چيو ته ممي ڊيڊي پارٽي جي برگر ٻارن کي خبر نه آهي ته اسان جا ماڻهو ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن جڏهن ته ممي ڊيڊي پارٽي جا نوجوان سڄو ڏينهن ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي مصروف هجن ٿا ان ڪري توهان به ٿورو وقت ڪڍي انهن کي جواب ڏيو ۽ کين سمجهايو ته مفت علاج جي سهولت ڪنهن ڪرڪيٽر نه پر شهيدن جي پارٽي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حيدرآباد شهر ۾ ترقياتي ڪم هڪ ئي پارٽي ڪرايا آهن. حيدرآباد کي پهريون ڀيرو پيئڻ جو پاڻي 1911ع ۾ انگريزن ڏنو. وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جو منصوبو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي شروع ڪيو، ٽيون ڀيرو شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻي جو منصوبو شروع ڪرايو ۽ هاڻي هاڻي اهي منصوبا ڀٽي جو ڏوهٽو بلاول ڀٽو زرداري ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ممي ڊيڊيز کي ٻڌايو وڃي ته هو ڪچري جي سياست ڪندا هئا، اسان سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پروگرام آڻي ڪچري جي صفائي جو ڪم شروع ڪرايو ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ 50 سيڪڙو فرق محسوس ڪريان ٿو. مسئلا موجود آهن پر فرق به ضرور آيو آهي. هن چيو ته اها تنقيد ڪئي ويندي هئي ته پنجاب بسن جو بادشاهه آهي، اسين بسون اشرافيه نه پر عوام لاءِ هلائڻ چاهيون ٿا. سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ بسون هلائڻ جو پائليٽ پروگرام شروع ڪيو ۽ مون اها سختي سان هدايت ڪئي ته بسن جو ڪرايو 50 رپيا هجڻ گهرجي ته جيئن مهانگائي جي دور ۾ غريب ماڻهو ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪار لاءِ ويندڙ ماڻهو پنهنجي پگهار بچائي سگهن. هن چيو ته حيدرآباد جي عوام سان ملي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي پارٽي کي جڏهن به ضرورت پئي آهي ته حيدرآباد جي عوام اسان جو ساٿ ڏنو آهي. شهيد ڀٽو هتي آيو ته ماڻهن هن جو به ساٿ ڏنو ۽ هن غريبن کي بدحالي مان ڪڍي سندن قسمت تبديل ڪري ڇڏي. شهيد بينظير ڀٽو جڏهن مشڪل ۾ هئي ۽ فوجي آمر ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري ڇڏيو هو تڏهن ان آمراڻي فيصلي خلاف بينظير ڀٽو اڪيلي نه هئي ۽ حيدرآباد جا ڀائر ۽ ڀينرون ساڻس گڏ هئا. حيدرآباد جي ماڻهن تاريخ جوڙي آهي. هن چيو ته ماڻهو چوندا هئا ته عورت وزيراعظم نٿي ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان اسلامي ملڪ آهي ۽ ان جي حڪمراني عورت نٿي ڪري سگهي پر عوام هڪ دفعو نه پر ٻه ڀيرا شهيد بي بي کي وزيراعظم چونڊيو جيڪا ملڪ جو مستقبل هئي. هن چيو ته شهيد راڻي جڏهن به اليڪشن مهم ۾ نڪرندي هئي ته شروعات حيدرآباد کان ڪندي هئي. سليڪٽيڊ ۽ نااهل وزيراعظم خلاف جڏهن مون آواز اٿاريو ته حيدرآباد جي ماڻهن سميت سڄي ملڪ جي ماڻهن منهنجو به ساٿ ڏنو ۽ اسين ڪامياب ٿياسين جنهن سان ملڪ کي فائدو ٿيو. هو ملڪ دشمن هو جيڪو هاڻي نه رهيو آهي. پ پ جي جيالن جي محنت ۽ جدوجهد جي ڪري اسلام آباد جا ايوان لڏي ويا. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته حيدرآباد وانگر ملڪ جي هر شهري کي صاف پاڻي فراهم ڪريان. اسين سنڌو درياهه جا وارث آهيون پر سنڌ کان ڪشمير تائين پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان جو عوامي ترقي وارو سفر جاري رهندو ۽ اهڙا منصوبا جوڙي سنڌ ۾ صاف پاڻي پهچايو ويندو. ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي جي منشور تي اليڪشن وڙهندي. آئون پنهنجي ملڪ جي عوام تي اعتماد ڪريان ٿو. ملڪ جي عوام وٽ ايندس ته حيدرآباد جيان سڄي ملڪ جو عوام ساٿ ڏيندو. اسين چاهيون ٿا ته سڄي ملڪ جو عوام معاشي طور تي خوشحال ٿئي. عوام وٽ پئسو هوندو ته معيشت ترقي ڪندي. عمران خان ماڻهن کي گهر ڏيڻ جو چئي گهر ته نه ڏنا پر کانئن اجها کسيا ۽ پنهنجي بني گالا واري گهر جا ڪاغذ تيار ڪرايا. اسين 2 ملين خاندانن کي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻائي کين معاشي طور مضبوط ڪنداسين ته جيئن عوام ۽ پاڪستان جي قسمت تبديل ٿي سگهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڪرنڊ پھچڻ تي ھزارن جي تعداد ۾ جيالن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي بلاول خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي عوام منهنجي  نانا ذوالفقار علي ڀٽو، منهنجي  امڙ شھيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اسان کي ھميشا پيار ڏنو آهي،  ھٿ مظبوط ڪيا آهن،  مونکي به  اميد آهي ته  پاڪستان جي عوام منهنجا به ھٿ مضبوط ڪندي، شھيد راڻي ايم آر ڊي تعريڪ هلائي  ۽ پاڻ شھادت ماڻي، ڪنهن جي اڳيان نه جھڪي، هن چيو ته  سليڪٽڊ ۽ ڪٺ پتلي عمران نيازي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن ۾ عوام ساٿ ڏنو ۽ کيس گھر ڀيڙو ڪيو آهي، اڄ پاڪستان جو عوام سخت تڪليفن ۾ آهي ۽ ذميوار به اڳين حڪومت آهي، سنڌ سميت پاڪستان جي عوام پ پ قيادت ڏانهن  ڏسي رھيو آهي،  پ پ واحد جماعت آهي  جيڪا ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي، پ پ حڪومت سدائين غريب مسڪين کي روزگار ڏنو آهي ۽ عورت کي به  اھميت ڏني آهي، ان ڪري انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، جنهن سبب لکين عورتن جي چلهه ٻري ٿي، موسم جي تبديلي جي ڪري ملڪ سميت سنڌ جو وڏو نقصان ٿيو آهي، اسان رليف ڏنو آهي ھاڻي وري انهن کي گھر ٺهرائي ڏينداسين.  جلسي کي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪومت پنهنجي دور ۾ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو. حيدرآباد شهر جتي ماضي ۾ 35 ايم جي ڊي پاڻي ملندو هو اهي نوان فلٽر پلانٽ ٺاهي 70 ايم جي ڊي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاق ۾ سنڌ اندر ترقياتي ڪمن جي حوالي سان نظرانداز ڪيو ويو پر پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اين آءِ سي وي ڊي، ٽرانسپورٽ ۽ رستن جي ڄار وڇائڻ جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا. حيدرآباد جتي جعلي طريقي سان قبضو ڪندڙن حيدرآباد کي کنڊر بڻائي ڇڏيو هو اهو هاڻي ترقي ڏانهن روان دوان آهي ۽ اميد آهي ته آيل ميئر پنهنجي ٽيم سان گڏجي حيدرآباد جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت ختم نه ٿي آهي پر اسين موڪل تي آهيون. اسين عوام سان ملڻ نڪتا آهيون، ايندڙ اليڪشن ۾ اسين سنڌ مان ئي ايتريون سيٽون کٽينداسين جو بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول ڀٽو جي اچڻ سان مهانگائي جو طوفان ختم ٿي ويندو. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته پ پ مڪاني چونڊن ۾ فرقيواريت ۽ لسانيت جو مقابلو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سنڌ ۾ ٻوري بند لاش، صوبن جي تعصب جي سياست ٿي، هڪ ئي چهرو صاف نظر اچي ٿو جيڪو عوام دوست آهي ۽ اهو بلاول ڀٽو زرداري جو آهي. بلاول کانسواءِ ملڪ ۾ ڪو به سياستدان ناهي رهيو جيڪو وزيراعظم جي منصب تي ويهڻ جو حقدار هجي. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي پاليسين جي ڪري دنيا جا جيڪي ملڪ اسان کان ناراض هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزارت واري پاليسين جي ڪري اهي ملڪ پاڪستان جا دوست ٿي ويا آهن. جڏهن به عوام کي ڪو رليف مليو آهي اهو صرف پ پ جي دور ۾ مليو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ اندر پ پ 100 سيڪڙو سيٽون کڻندي. اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو ته پ پ صوبي ۾ ترقي ۽ ڀلائي جو منصوبو کڻي ڪم ڪيو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جي ڪافي اسڪيمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت هزارين ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرايون آهن ۽ هزارين مڪمل ٿيڻ واريون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حڪمراني ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي سنڌ جي رهي آهي. مڪاني چونڊن ۾ جن يوسيز ۽ ٽائونز تي قبضو هوندو هو اتان به پ پ کي ڪاميابي ملي. اڄ ڪراچي کان ڪشمور تائين رڳو جيالا ئي جيالا آهن. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته پيپلزپارٽي نه رڳو حيدرآباد پر سڄي سنڌ جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو رڪارڊ ڪم ڪرائي عوام کي سهولتون ڏنيون آهن. روڊ رستا، پاڻي، صحت، ٽرانسپورٽ سميت مختلف اسڪيمن تي ڪم ڪري عوام کي فائدو ڏنو ويو آهي ۽ اميد ڪيون ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ به عوام پ پ کي ڪامياب ڪندو ۽ اسين عوام جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهنداسين. ان موقعي تي ميئر حيدرآباد ڪاشف خان شورو چيو ته حيدرآباد ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائڻ تي مڪاني چونڊن ۾ حيدرآباد جي عوام ڪامياب ڪيو ۽ پ پ جڏهن به ڪو سڏ ڏي ٿي ته تڏهن حيدرآباد جو عوام لبيڪ چوي ٿو. هن چيو ته حيدرآباد ۾ موجود لسانيت جي سياست ڪندڙن جي لسانيت جو خوف بلاول ڀٽو زرداري جي محبت جي زبان سان ختم ٿي ويو ۽ حيدرآباد جو پرامن عوام توهان سان گڏ بيٺو آهي. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي عبدالجبار خان، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي صدر صغير احمد قريشي، اڳوڻي ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ، عاجز ڌامراهه، فياض شاهه ۽ ٻين پڻ جلسي کي خطاب ڪيو.