اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف، ميان نواز شريف جي قيادت ۾ وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز پاران بجلي صارفين لاءِ رليف پيڪيج جي آجيان ڪئي آهي. وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ 14 رپيا في يونٽ جو رليف بنا ڪنهن شڪ جي نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير جو عوام دوست قدم آهي. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب جي ڪٽوتي ڪري بجلي جي قيمتن ۾ رليف ڏنو، جنهن مان 200 يونٽن وارا صارف فائدو وٺي رهيا آهن. بجلي چوري خلاف قدم کڻڻ ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي بجلي چوري جو مستقل ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.