ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ارڙي تباهي مچائي ڇڏي، پهرين جنوري کان 8 مارچ تائين ارڙي جا 1185 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق، ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين پاران صوبي ۾ پهرين جنوري کان 8 مارچ تائين ارڙي ڪيسن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڄاڻايل عرصي دوران ارڙي وگھي 17 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ ارڙي جا 1185 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رڳو ڪراچي ۾ ارڙي جا 550 ڪيس ظاهر ٿيا، بدين ۾ 37، دادو ۾ 48، گهوٽڪي ۾ 17، حيدرآباد ۾ 80، ڄامشوري ۾ 16، قمبر ۾ 17، ڪشمور ۾ 10، خيرپور ۾ 61، لاڙڪاڻي ۾ 47 ۽ مٽياري ۾ 5 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.