سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) عدالتي حڪم جي ابتڙ پهاڙ ٽوڙ مافيا سرگرم، تاريخي ۽ قديمي ڪالڪه ديوي ويجهو جبلن جي ڪٽائي دوران قديمي مندر کي نقصان پهچڻ جو انڪشاف، اروڙ ۾ واقع قديمي ۽ تاريخي ڪالڪه ماتا (ديوي) مندر جيڪو غار ۾ واقع آهي اُن کي پهاڙن جي ڪٽائي دوران نقصان پهچڻ جو هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال انڪشاف ڪندي چيو آهي ته بارود سان جبل جي ڪٽائي سبب ڪالڪه ماتا مندر کي نقصان پهتو آهي، غار اندر مندر هجڻ ڪري زوردار ڌماڪن سبب پٿر به فرش تي ڪريا آهن، تنهن ڪري قديمي ۽ تاريخي ڪالڪه ماتا مندر جي وڌيڪ نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.هن مطالبو ڪيو ته ڪالڪا ماتا مندر ويجهو هلندڙ پهاڙن جي ڪٽائي وارو ڪم فوري طور تي بند ڪرائي   تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.