ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارا ۽ ماڊل اروشي روٽيلا ايشيا ڪپ جا مئچ ڏسڻ پاڪستان ويندي. پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه جي عشق ۾ مبتلا ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل ايشيا ڪپ دوران ميڊيا تي ڇائنجي وئي آهي، ڀارتي توڙي سوشل ميڊيا تي اروشي جي پاڪستان وڃڻ جون خبرون هلندڙ آهن، ڀارتي ميڊيا موجب اروشي روٽيلا هڪ وڊيو ۾ پنهنجي اسٽوري تي شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ نسيم شاهه کيڏي رهيو هو ۽ هو کيس سپورٽ ڪري رهي هئي.اروشي نسيم شاهه جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا اهڙيون شيون شيئر ڪيون ۽ لڳي ٿو ته هو نسيم شاهه مان سٺي متاثر آهي.