ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان جي 5 ڪروڙ 85 لکن جي ماليت جي جيپ هٿ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل قائد آباد ۾ ڪارروائي ڪندي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان قريشي جي فورڊ ريپٽر جيپ هٿ ڪئي. ان کان اڳ ارمغان جي گهر مان 4 ڪروڙ 35 لکن جي آڊي اي-ٽرون ڪار ضبط ڪئي وئي هئي. رڪارڊ موجب ارمغان ڪال سينٽر مان مليل پئسن سان 8 گاڏيون خريد ڪيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ڪمپنين جي مهانگي ترين گاڏين جي ڪل قيمت 12 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. هٿ ڪيل گاڏي کي ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل منتقل ڪيو ويو آهي.