ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ايف آءِ اي مصطفي’ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان کان ڪيل جاچ جي رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي موجب ارمغان جي ليپ ٽاپ مان بين الاقوامي فراڊ گروپ جون شاهديون مليون آهن، ارمغان ۽ سندس پيءَ ڪامران قريشي فراڊ لاءِ ڪمپني ٺاهي، انهي ڪمپني جي سالياني آمدني 3 کان 4 لک آمريڪي ڊالر آهي، انهي ڪمپني ۾ 25 ايجنٽ ڪم ڪري رهيا آهن, رپورٽ موجب ارمغان افنان ذريعي 15 ڪروڙ 40 لک رپين جون لگزري گاڏيون خريد ڪيون, ايف آءَ اي ڪمپني جي ٻئي مالڪ ڪامران قريشي کي جوابدار ناهي ڄاڻايو، افنان کي به جوابدار يا شاهدقرار ناهي ڏنو، ايف آءِ اي پاران اڄ ارمغان کي عدالت ۾ پيش ڪندي، ياد رهي ته ارمغان مني لانڊرنگ ۽ ٻين الزامن جي چئن ڪيسن ۾ ريمانڊ تي آهي۔