لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته ارشد نديم جهڙي طرح قوم کي خوشيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز جي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي، ڪوچز جيسن گليپسي ۽ گيري ڪرسٽن مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي رهيو آهي، ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ڪوچز بهترين آهن، ٽيسٽ چئمپين شپ جون 9 مئچز مان وڌ کان وڌ کٽڻيون پونديون، ڪپتان شان مسعود چيو ته ٽيم مئنيجمينٽ ۾ گهڻيون تبديليون ٿيون آهن، 10 مهينن کان ڪرڪيٽ نه کيڏي آهي، موجوده سيٽ اپ ۾ ميچ فڪسنگ بابت ڪنهن تي آڱر نه ٿي کڻي سگهجي، آسٽريليا سان سيريز سٺي کيڏي پر کٽي نه سگهياسين.