ارشد شريف ڪيئن قتل ٿيو؟ وقار احمد ٻڌائي ڇڏيو

0
206
ارشد شريف جي ميڊيڪل رپورٽ

ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ پاڪستاني آفيسرن ڪينيا ۾ فائرنگ واري واقعي ۾ معجزاڻي طور بچي ويل ڪراچي جي شهرين وقار احمد ۽ خرم احمد کان پڇا ڳاڇا ڪئي

ذريعن موجب پاڪستان جي جاچ ٽيم ٻنهي ڀائرن خرم احمد ۽ وقار احمد کان واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، ان دوران وقار احمد ٻڌايو ته هڪ دوست کيس ارشد شريف جي ميزباني ڪرڻ لاءِ چيو، ارشد شريف منهنجي گيسٽ هائوس ۾ 2 مهينن کان رهي رهيو هو، نيروبي کان اڳ هن ارشد شريف سان رڳو هڪ ڀيرو ماني کائڻ لاءِ ملاقات ڪئي هئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وقار احمد ٻڌايو ته هن ارشد شريف کي نيروبي کان ٻاهر پنهنجي لاج تي ماني جي دعوت ڏني هئي، واقعي واري ڏينهن ارشد شريف لاج تي ماني کاڌي هئي، ماني کائڻ کانپوءِ ارشد شريف منهنجي ڀاءُ خرم سان گڏ ڪار ۾ روانو ٿيو ۽ اڌ ڪلاڪ بعد گاڏي تي فائرنگ جو اطلاع مليو

ذريعن موجب خرم احمد جو چوڻ هو ته لاج کان نڪرڻ بعد 18 ڪلوميٽر جو ڪچو رستو آهي ۽ پوءِ روڊ شروع ٿئي ٿو، روڊ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ ڪجهه پٿر رکيا ويا هئا، پٿرن کي ڪراس ڪندي ئي فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهن ڪري گاڏي ڀڄائي

وقار احمد جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته فائرنگ واري واقعي دوران خرم معجزاڻي طور محفوظ رهيو ۽ ارشد شريف پاران استعمال ڪيل آئي پيڊ ۽ موبائل فون ڪينيا اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن

ٻنهي ڀائرن پاڪستاني جاچ آفيسرن کي ٻڌايو ته ارشد شريف نيروبي وڃڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو ۽ ان لاءِ هن ويزا جي مدي ۾ واڌ ڪرائي هئي

ياد رهي ته حڪومت طرفان ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن تي مشتمل 2 رڪني ٽيم جاچ لاءِ ڪينيا ۾ موجود آهي جتي ڪجهه ڏينهن اڳ سينيئر صحافي ارشد شريف کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

ارشد شريف جي معاملي تي ڪنھن به فورم تي گھرايو وڃي، تفصيل سامھون آڻيندس: عمران خان

صحافي ارشد شريف جي جنازي نماز ادا