اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي عدالت سندس گهرواري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن. ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ ٿي، پر مقتول صحافي جي زال سميعه ارشد بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش نه ٿي. جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه ارشد شريف جي گهرواري ۽ پروڊيوسر علي عثمان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا. ياد رهي ته صحافي ارشد شريف کي گذريل سال 23 آڪٽوبر تي ڪيينا ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي دوران قتل ڪيو ويو هو.