ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ بيدري سان قتل ڪيل ارشاد رانجھاڻي ڪيس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي، عدالت فيصلي لاءِ  26 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، ڪالهه دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو پڌرو  ٿي نه سگهيو، جج جي موڪل سبب فيصلو ٽيون دفعو به ملتوي ٿي ويو، عدالت ڪيس جي تاريخ 26 آڪٽوبر مقرر ڪري ڇڏي، ڪيس جو مرڪزي جوابدار رحيم شاھه  عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آھي، جڏهن ته ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن.