ڪراچي: شهيد ارشاد رانجھاڻي جي وارثن عدالتي فيصلي کي رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، درخواست گذارن جي وڪيل محمد خان شيخ جو چوڻ آهي ته عدالت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا فيصلو جاري ڪيو آھي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي خاميون آھن، جن سبب جوابدارن کي فائدو پھتو آھي، عدالتي فيصلي جي ڪاپي ملڻ کانپوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو، واضح رهي ته دھشتگردي ٽوڙ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد 26 آگسٽ 2023 تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو، جيڪو 3 دفعا ملتوي ڪيو ويو، پوليس موجب رحيم شاھ فيبروري 2019ع ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ فائرنگ ڪري ارشاد رانجھاڻي کي قتل ڪيو هو.