ملير (رپورٽر) شهيد ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي مک جوابدارن جي آزادي کي سومر تي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج  ڪرڻ  جو اعلان

اهڙي تصديق ڪندي  ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ چيو آهي ته قتل ڪيس جي مک جوابدار رحيم شاهه کي عدالت پاران ڇهه سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته 2 جوابدارن ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي۽ انسپيڪٽر رياض عامر کي بري ڪيو ويو

عدالت پاران فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رحيم شاهه جيستائين واقعي واري هنڌ تي موجود هو، ان وقت تائين ارشاد رانجهاڻي زنده هو، انهي ڪري رحيم شاهه تي خون ثابت نه ٿيو، رانجهاڻي کي ٻي گولي ايمبولينس ۾ هنئي وئي

عدالت ۾ شاهد طور ايمبولينس ڊرائيور عابد رشيد اڳ ۾ ڏنل بيان ۾ چيو هو ته ته رحيم شاهه موٽر سائيڪل تي آيو، هن ايمبولينس ۾ موجود زخمي ارشاد رانجهاڻي کي پنجين گولي هنئين، جنهن سبب هن دم ڏنو، اهڙي شاهدي بعد ايمبولينس ڊرائيور پنهنجو بيان تبديل ڪيو، جنهن تي اسان پاران کائنس آڏي پڇا به ڪئي وئي هئي، اسان 13 صفحن تي مشتمل لکت ۾ پنهنجا دليل پڻ جمع ڪرايا جنهن بعد عدالت 3 پيشين بعد محفوظ ڪيل فيصلو ڏئي ڇڏيو

ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ چيو ته ارشاد ڪيس ۾ ناانصافي ٿي آهي، اهڙي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ويندي، ٻئي طرف شهيد ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءَ منور رانجهاڻي چيو آهي ته اسان کي عدالت پاران آيل فيصلو قبول ناهي، اسان وڪيلن سان رابطو ڪيو آهي

هن کي به پڙهندا

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاهه آزاد