ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي ڪيس جو فيصلو جج جي موڪل سبب 26 سيپٽمبر تائين ملتوي، ڪالهه دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران محفوظ ٿيل فيصلو جج جي موڪل سبب ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ٿي ويو، درخواست گذار جي وڪيل محمد خان شيخ جو چوڻ هو ته جج صاحب جي موڪل سبب فيصلو تيار نه ٿي سگھيو، ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ٻڌايو ويندو، انشاء الله جوابدارن کي ڦاھي جي سزا ايندي، واضح رهي ته ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ جوابدار رحيم شاهه گرفتار آهي.