اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر جي رٽائر ٿي وڃڻ کي 15 ڏينهن مڪمل ٿي وڃڻ باوجود سنڌ جي نگران حڪومت اڃا تائين ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر ڪري نه سگهي ، ربيع سيزن ۾ پاڻي ورڇ ۾ سنڌ کي نقصان ٿيڻ جو خدشو تفصيل موجب ارسا ۾ مقرر سنڌ جو ميمبر زاهد جوڻيجو 26 آگسٽ تي ٽن سالن جي مدت مڪمل ڪري رٽائر ٿي ويو آھي، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر کي رٽائر ٿي ۽ سنڌ جي ميمبر جي سيٽ خالي ٿيڻ کي 15 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آھن پر سنڌ جي نگران حڪومت اڃان تائين ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر جي مقرري لاءِ نامزدگي نه ڪري سگهي آھي پهرين آڪٽوبر کان ربيع سيزن شروع ٿيندي جنهن لاءِ پاڻي جو ڪاٿو لڳائڻ جو ڪم ڪجھه ڏينهن بعد شروع ٿي ويندو، هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ پاڻي جي ورڇ ڪرڻ لاءِ ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جو به اجلاس طلب ٿيڻ جو امڪان آھي، ايندڙ ربيع سيزن دوران پاڻي جي موجودگي جو ڪاٿو لڳائڻ جي شروع ٿيندڙ ڪم ۾ ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر ٿيل نه هجڻ ڪري باقي صوبن جي ميمبرن جي مرضي سان ڪاٿو لڳڻ جو امڪان آھي، جيڪڏهن ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر نئون مقرر ٿيندو ته پوءِ به ان کي مامرن کي سمجهڻ ۾ ڪجھه وقت لڳي ويندو جنهن ڪري پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ کي نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي.