حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد جي اجلاس ۾ ارسا پاران چولستان منصوبي لاءِ 0.450 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي اھو سرٽيفڪيٽ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اجلاس سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو آھي اجلاس ۾ چيو ويو ته ھڪ طرف جڏھن ملڪ م پاڻي جي سنگين کوٽ جا خطرا آھن، تڏهن پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ صوبن وچ ۾ وڌيڪ اختلاف پيدا ڪرڻ کين پاڻ ۾ ويڙائڻ جي سازش آھي، ھنن چيو ته چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ريگستان بنايو پيو وڃي زبردستي چولستان جھڙا منصوبا ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا، ان منصوبي سان سنڌ سان سنڌ جي زراعت، پاڻي معاشي حالت خراب ٿيندي ۽ لڏپلاڻ جو ماحول پئدا ٿيندو انڪري  سنڌ ان منصوبي کي قطعي قبول نه ڪندي ۽ ان خلاف پرامن احتجاجي تحريڪ جاري رھندي اجلاس ۾ زراعت تي انڪم ٽيڪس کي به رد ڪندي چيو ويو ته زراعت تي اڳ ئي ٽيڪس لڳل آھن، وڌيڪ ٽيڪس ھڻڻ سان زراعت دفن ٿي ويندي سنڌ جا آبادگار ان ٽيڪس کي ھرگز قبول نه ڪندا ڇاڪاڻ ته اھا معاشي دھشتگردي آھي جيڪا آبادگار کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندي.